راولپنڊي-24 جولاءِ (اي پي پي)پاڪ بحريه لاءِ مقامي طور تي تيار ڪيل پي اين ايس ساهيوال گن بوٽ جي لانچنگ تقريب ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس (ڪي ايس اينڊ اي ڊبليو) ۾ منعقد ٿي. وائيس چيف آف دي نيول اسٽاف وائيس ايڊمرل اويس احمد بلگرامي ان موقعي تي خاص مهمان هو. آءِ ايس پي آر موجب خاص مهمان پاڪ بحريه جي پليٽ فارم ڊزائين ونگ (پي ڊي ڊبليو) ۽ …
پاڪ بحريه لاءِ مقامي طور تي تيار ڪيل پي اين ايس ساهيوال گن بوٽ جي لانچنگ تقريب ڪراچي ۾ منعقد

مزید خبریں
راولپنڊي-24 جولاءِ (اي پي پي)پاڪ بحريه لاءِ مقامي طور تي تيار ڪيل پي اين ايس ساهيوال گن بوٽ جي لانچنگ تقريب ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس (ڪي ايس اينڊ اي ڊبليو) ۾ منعقد ٿي. وائيس چيف آف دي نيول اسٽاف وائيس ايڊمرل اويس احمد بلگرامي ان موقعي تي خاص مهمان هو. آءِ ايس پي آر موجب خاص مهمان پاڪ بحريه جي پليٽ فارم ڊزائين ونگ (پي ڊي ڊبليو) ۽ ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس جي گڏيل ڪوششن کي ساراهيو. مقامي طور تي تيار ڪيل گن بوٽ ۾ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ سيمي آٽوميٽڪ گنز لڳايون وينديون. هي جديد ترين گن بوٽ مختلف سامونڊي سيڪيورٽي آپريشنز سرانجام ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. پاڪ بحريه مستقبل ۾ ان طرز جون وڌيڪ گن بوٽس تيار ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. لانچنگ تقريب ۾ پاڪ بحريه جي اعليٰ عملدارن، دفاعي پيداوار واري وزارت، ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس ۽ شپ بلڊنگ انڊسٽري جي نمائندن شرڪت ڪئي.











