ملڪ جي پهرين چٽاڀيٽي انرجي مارڪيٽ پاليسي ٻن مهينن ۾ لاڳو ٿي ويندي: وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري

اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ”چٽاڀيٽي انرجي مارڪيٽ پاليسي“ ايندڙ ٻن مهينن ۾ پنهنجي حتمي لاڳو واري مرحلي ۾ داخل ٿي ويندي جنهن کانپوءِ حڪومت طرفان بجلي جي خريداري جو سلسلو ختم ٿي ويندو. اها ڳالهه توانائي واري وفاقي وزير عالمي بئنڪ جي اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات دوران چئي جنهن …

اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ”چٽاڀيٽي انرجي مارڪيٽ پاليسي“ ايندڙ ٻن مهينن ۾ پنهنجي حتمي لاڳو واري مرحلي ۾ داخل ٿي ويندي جنهن کانپوءِ حڪومت طرفان بجلي جي خريداري جو سلسلو ختم ٿي ويندو. اها ڳالهه توانائي واري وفاقي وزير عالمي بئنڪ جي اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات دوران چئي جنهن جي قيادت عالمي بئنڪ جو وچ اوڀر، اتر آفريقا، افغانستان ۽ پاڪستان بابت ريجنل نائب صدر عثمان ڊيون ڪري رهيو هو. وفاقي وزير ٻڌايو ته ”سي ٽي بي سي ايم“ تحت مارڪيٽ ۾ بجلي جو آزاداڻو واپار ممڪن ٿي سگهندو، ان ماڊل تحت ”ويلنگ چارجز“ ۽ ٻيا طريقا متعارف ڪرايا پيا وڃن ۽ حڪومت جو ڪردار صرف ريگوليٽري فريم ورڪ تائين محدود ڪيو ويندو. هن واضح ڪيو ته هي منتقلي آهستي آهستي ۽ هڪ جامع حڪمت عملي تحت ڪئي ويندي ته جيئن نظام ۾ استحڪام قائم رهي. ملاقات دوران سردار اويس لغاري عالمي بئنڪ جي وفد کي حڪومت جي توانائي سڌارن، نيٽ ميٽرنگ پاليسي، نجڪاري، ريگوليٽري بهتري ۽ سيڙپڪاري جي موقعن بابت تفصيلي طور ٻڌايو. هن چيو ته پاڪستان جي پاليسي جو لاڙو واضح طور تي نجي شعبي کي هٿي ڏيڻ ۽ شفافيت طرف آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته عالمي سيڙپڪار ان ۾ حصيدار بڻجن. عثمان ڊيون پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي ۾ ٿيل سڌارن کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته توانائي ترقي جو بنياد آهي ۽ ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ توانائي جو شعبو وڏي اهميت وارو هوندو آهي، ان لاءِ عالمي بئنڪ ان شعبي ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکندي. هن چيو ته عالمي بئنڪ پاڪستان حڪومت سان گڏ بيٺل آهي ته جيئن پائيدار، قابل اعتماد ۽ سيڙپڪاري لاءِ موزون توانائي واري نظام کي هٿي ڏئي سگهجي. وفاقي وزير عالمي بئنڪ جي وفد کي شعبي ۾ جاري سڌارن تي ٻڌل هڪ جامع ڪتابچو به پيش ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته موجوده  حصيداري مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندي.

مزید خبریں