آسيان ملڪن سان واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهيان: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين

اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته پاڪستان آسيان ملڪن سان مضبوط تاريخي، ثقافتي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا رکڻ آهي ۽ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ايف پي سي سي آءِ جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان ۽ آسيان خطي وچ ۾ اقتصادي انضمام“ جي موضوع تي هڪ تعارفي سيشن کي خطاب ڪندي …

اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته پاڪستان آسيان ملڪن سان مضبوط تاريخي، ثقافتي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا رکڻ آهي ۽ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ايف پي سي سي آءِ جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان ۽ آسيان خطي وچ ۾ اقتصادي انضمام“ جي موضوع تي هڪ تعارفي سيشن کي خطاب ڪندي هن اقتصادي رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو. ان موقعي تي آسيان ملڪن جي سفارتڪارن، اعليٰ سرڪاري آفيسرن، واپاري اڳواڻن ۽ مختلف شعبن جي نمائندن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير پاڪستان ۽ آسيان خطي وچ ۾ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته آسيان جيڪا 7 سئو ملين کان وڌيڪ آبادي ۽ 3 ٽريلين ڊالرن کان وڌيڪ جي گڏيل جي ڊي پي رکي ٿي،عالمي معيشت ۾ هڪ موثر بلاڪ طور اڀري آهي، پاڪستان آسيان ملڪن سان مضبوط تاريخي، ثقافتي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا رکي ٿو ۽ هاڻي واپاري ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. راڻا تنوير حسين چيو ته گڏيل امڪانن جي باوجود پاڪستان ۽ آسيان وچ ۾ واپاري ڳاڻيٽو پنهنجي حقيقي صلاحيت کان گهٽ آهي. هن واپاري رڪاوٽن جي خاتمي، روانگي واپار جي دائري ڪار کي سگهه ڏيڻ ۽ ٻطرفي گهڻ رخي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڀريو. هن ٽيڪسٽائيل، زراعت، دواسازي، آءِ ٽي ۽ توانائي جهڙن شعبن کي خاص طور تي اجاگر ڪيو جتي گڏيل تعاون جا هاڪاري نتيجا نڪري سگهن ٿا.هن ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا، ڊجيٽل انٽرپرينيورشپ ۽ هنرمدي جي ترقي جي ميدان ۾ تعاون جي ضرورت تي به زور ڀريو ۽ چيو ته پاڪستان آسيان ملڪن جي جدت، پيشيوراڻي تربيت ۽ نوجوانن جي ترقي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن عوامي رابطن، سياحت، تعليمي مٽاسٽا ۽ ثقافتي حصيداري کي هٿي ڏيڻ لاءِ ويزا پاليسين ۾ نرمي جي تجويز ڏني. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عوامي سطح تي لاڳاپا اعتماد سازي ۽ ڊگهي حصيداري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن خطي جي جاگرافيائي رابطن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان سي پيڪ ذريعي وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر لاءِ گيٽ وي جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو جڏهن ته آسيان پاڪستان کي وچ اوڀر ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي سان وڌيڪ جوڙي سگهي ٿو. وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان حڪومت خطي ۾ اقتصادي انضمام ۽ واپاري سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي. هن ايف پي سي سي آءِ، اي سي او سي سي آءِ ۽ سي اي سي سي آءِ جهڙن ادارن جي ڪردار کي ساراهيو جيڪي علائقائي تعاون ۽ ڪاروباري حصيداري کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هي ويهڪ رڳو هڪ مڪالمو ناهي پر گڏيل ترقي، علائقائي استحڪام ۽ گڏيل خوشحالي جو رخ هڪ واضح روڊ ميپ آهي. وفاقي وزير ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان آسيان ملڪن سان گڏجي جامع واپار، اسٽريٽجڪ تعاون ۽ ڊگهي مدي واري دوستي جي هڪ نئين دور جي شروعات لاءِ تيار آهي.

مزید خبریں