ڍاڪا-24 جولاءِ (اي پي پي) گهرو وزير ۽ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر محسن نقوي چيو آهي ته هو بنگلاديش ۾ تازي فضائي حادثي ۾ 31 قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪري ٿو. اهڙو اظهار هن ڍاڪا ۾ اي سي سي ميمبرن جي اعزاز ۾ منعقد هڪ خاص تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هو افسوسناڪ فضائي حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي پوئينرن، …
گهرو وزير ۽ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر محسن نقوي پاران بنگلاديش ۾ تازي فضائي حادثي ۾ 31 قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
ڍاڪا-24 جولاءِ (اي پي پي) گهرو وزير ۽ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر محسن نقوي چيو آهي ته هو بنگلاديش ۾ تازي فضائي حادثي ۾ 31 قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪري ٿو. اهڙو اظهار هن ڍاڪا ۾ اي سي سي ميمبرن جي اعزاز ۾ منعقد هڪ خاص تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هو افسوسناڪ فضائي حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي پوئينرن، بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. اسان جون دعائون ۽ همدرديون متاثر خاندانن سان آهن. محسن نقوي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ کي هاڻوڪي سيريز ۾ ڪاميابي تي مبارڪون پڻ ڏنيون. هن ان ڳالهه تي خوشي جو اظهار ڪيو ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو ساليانو جنرل اجلاس پهريون ڀيرو بنگلاديش ۾ منعقد ٿي رهيو آهي ۽ اڪثر ميمبر هن وقت ڍاڪا ۾ موجود آهن. محسن نقوي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين امين السلام کي بهترين انتظامن ۽ مهمان نوازي تي ٿورو مڃيو ۽ سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ميمبرن جو به ٿورو مڃيو. هن چيو ته اسان کي هڪ ٽيم وانگر ڪم ڪرڻو آهي، سمورن سياسي اختلافن کي هڪ طرف رکي صرف ۽ صرف ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ متحد ٿيڻو آهي. هن چيو ته اسان کي هڪٻئي کي مضبوط بڻائڻو آهي ۽ پوري اميد آهي ته اسان سڀ گڏجي اهو هدف حاصل ڪري سگهون ٿا. اسان جي خواهش آهي ته سمورن ايسوسيئيٽ ميمبرن جون ٽيمون مضبوط ٿين. هن خاطري ڪرائي ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر طور هو هر ممڪن قدم کڻندو ته جيئن هي ادارو ايشيا ۾ ڪرڪيٽ جو سڀ کان طاقتور ادارو بڻجي سگهي. محسن نقوي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ڪرڪيٽ کي انهن ايشيائي ملڪن تائين وڌائڻو آهي جتي هي راند اڃان هٿي نه وٺي سگهي آهي ۽ هي ڪم اسان کي هڪ ٽيم طور گڏجي ڪرڻو پوندو.











