اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مستونگ ۾ فتنه الهندستان جي خلاف انٽيليجنس اطلاع تي ٻڌل آپريشن ۾ ٽن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر آصف علي زرداري آپريشن ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر زياد سليم اول ۽ سپاهي ناظم حسين کي خراج عقيدت ۽ سندن …
صدر پاران مستونگ ۾ فتنه الهندستان جي خلاف انٽيليجنس اطلاع تي ٻڌل آپريشن ۾ ٽن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مستونگ ۾ فتنه الهندستان جي خلاف انٽيليجنس اطلاع تي ٻڌل آپريشن ۾ ٽن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر آصف علي زرداري آپريشن ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر زياد سليم اول ۽ سپاهي ناظم حسين کي خراج عقيدت ۽ سندن قرباني کي سلام پيش ڪيو. صدر چيو ته ميجر زياد سليم اول شهيد ۽ سپاهي ناظم حسين شهيد ملڪ جي دفاع ۾ جانين جا نذرانا ڏئي بهادري جو نئون مثال قائم ڪيو آهي. صدر شهيدن جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون رائيگان نه وينديون. صدر چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ دهشتگردي جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. صدر چيو ته قوم دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي.











