راولپنڊي-24 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بهترين سياسي بصيرت سبب اڄ سڄي دنيا جي ملڪن سان بهترين سفارتي لاڳاپا قائم ٿي چڪا آهن، ڀارت طرفان پاڻي بند ڪرڻ جي ڌمڪي جنگ جي اعلان برابر هئي، اسان جي هٿياربند فوج دشمن کي بدترين شڪست ڏني، ملڪ جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي، دشمن جا 5 جهاز …
وزيراعظم جي بهترين سياسي بصيرت سبب سڄي دنيا جي ملڪن سان بهترين سفارتي لاڳاپا قائم ٿي چڪا آهن: وفاقي وزير حنيف عباسي

مزید خبریں
راولپنڊي-24 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بهترين سياسي بصيرت سبب اڄ سڄي دنيا جي ملڪن سان بهترين سفارتي لاڳاپا قائم ٿي چڪا آهن، ڀارت طرفان پاڻي بند ڪرڻ جي ڌمڪي جنگ جي اعلان برابر هئي، اسان جي هٿياربند فوج دشمن کي بدترين شڪست ڏني، ملڪ جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي، دشمن جا 5 جهاز ڪيرايا ويا، اڄ دنيا دشمن تي کلي رهي آهي، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ انقلابي قدم کنيا، مواصلاتي نظام کي بهتر بڻايو ۽ صاف سٿري پنجاب جهڙن منصوبن کي آڻي عملي ڪم ڪيو. اهڙو اظهار هن بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن راولپنڊي ۾ ميٽرڪ جي امتحانن ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف صوبي جي هونهار شاگردن کي ليپ ٽاپ ۽ اسڪالرشپ ڏنا جڏهن ته امتحاني نظام جي ڊجيٽلائيزيشن سان شفافيت کي يقيني بڻايو ويو. هن امتحانن ۾ ڪامياب ٿيل شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ سندن والدين کي مبارڪون ڏيندي چيو ته تعليم ۾ ميرٽ ۽ سڌارن جو ڪريڊٽ پنجاب جي وزيراعليٰ ڏانهن وڃي ٿو،. هن چيو ته ريلوي جي شعبي کي به ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي.











