اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيمه سان ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وزارت طرفان جاري بيان موجب احد خان چيمه نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي لاهور ۽ ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي وچ ۾ تعاون کي ساراهيندي چيو ته ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي دنيا جي بهترين يونيورسٽين مان هڪ آهي، ان جو پاڪستاني اداري …
وفاقي وزير احد خان چيمه سان ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيمه سان ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وزارت طرفان جاري بيان موجب احد خان چيمه نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي لاهور ۽ ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي وچ ۾ تعاون کي ساراهيندي چيو ته ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي دنيا جي بهترين يونيورسٽين مان هڪ آهي، ان جو پاڪستاني اداري سان سهڪار سٺو سنئوڻ آهي. هن چيو ته پاڪستاني شاگردن کي هاڻي ٽيڪنالاجي ۽ ٻين جديد شعبن ۾ هڪ ٻي معياري تعليمي اداري جي سهولت ميسر ايندي، ڪوشش هوندي ته ايريزو نااسٽيٽ يونيورسٽي جهڙا ٻيا عالمي ادارا به پاڪستان جو رخ ڪن ته جيئن اسان تعليمي ميدان ۾ ترقي جون نيون راهون کولي سگهون. وفاقي وزير چيو ته نوجوانن جي روشن مستقبل جو دارومدار جديد تعليم ۽ ٽيڪنالاجي تي آهي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي هڪ مضبوط ادارو بڻايو ويندو ته جيئن ملڪ تعليمي ميدان ۾ نمايان ترقي ڪري. وفد ان موقعي تي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي کي هڪ اسٽيٽ آف دي آرٽ ادرو بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ مستقل تعاون تي وفاقي حڪومت جو ٿورو مڃيو.











