اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته کنڊ جي ناجائز منافعي خورن کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين، کنڊ جي قيمت ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سمورن صوبائي چيف سيڪريٽرين ۽ ڊپٽي سيڪريٽرين کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. سرڪاري خابرو اداري ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته کنڊ جي مافعي خورن جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن. هن …
کنڊ جي ناجائز منافعي خورن کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته کنڊ جي ناجائز منافعي خورن کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين، کنڊ جي قيمت ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سمورن صوبائي چيف سيڪريٽرين ۽ ڊپٽي سيڪريٽرين کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. سرڪاري خابرو اداري ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته کنڊ جي مافعي خورن جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن. هن چيو ته ضلعي انتظاميه کنڊ جي ايڪس مل اگهه 161 روپيا ۽ ريٽيل اگهه 173 روپيا کنڊ في ڪلو کي هر حال ۾ يقيني بڻائي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته کنڊ جي وڏي مقدار ۾ سپلائي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته غريب عوام جو استحصال ڪندڙن لاءِ ڪا به نرمي نه هوندي، پوءِ انهن جو تعلق ڪهڙي به سياسي پارٽي سان هجي. وفاقي وزير چيو ته عوام جي مفاد خلاف ڪم ڪندڙن کي رياست ۽ قانون جي طاقت کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته حڪومت ڪمزور طبقي جي حقن جي تحفظ لاءِ هر وقت تيار آهي. هن چيو ته ناجائز منافعي خوري اسان جي معاشري جو هڪ وڏو چئلينج بڻجي چڪو آهي ۽ موجوده قيادت هر طرح جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هن چيو ته ملڪي معيشت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آنديون پيون وڃن ۽ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان کي هر طرح جي مافياز کان پاڪ ڪري تيز ترين ترقي ڪندڙ ملڪ بڻايو ويندو.











