پشاور-24 جولاءِ (اي پي پي)خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته جن تي دهشتگردي جا ڪيس هجن، اهي ڪهڙي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪندا؟ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته صوبو دهشتگردن جي حوالي ڪندڙ حڪومت جي اي پي سي ۾ ڇو شرڪت ڪريون، عوامي نيشنل پارٽي پهرين اي پي سي طلب ڪئي آهي، حڪومت کي گهرجي ها ته ان ۾ شرڪت ڪري ها. گورنر چيو ته اي …
جن تي دهشتگردي جا ڪيس هجن، اهي ڪهڙي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪندا: فيصل ڪريم ڪنڊي

مزید خبریں
پشاور-24 جولاءِ (اي پي پي)خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته جن تي دهشتگردي جا ڪيس هجن، اهي ڪهڙي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪندا؟ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته صوبو دهشتگردن جي حوالي ڪندڙ حڪومت جي اي پي سي ۾ ڇو شرڪت ڪريون، عوامي نيشنل پارٽي پهرين اي پي سي طلب ڪئي آهي، حڪومت کي گهرجي ها ته ان ۾ شرڪت ڪري ها. گورنر چيو ته اي اين پي جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ وڃڻ بدران پاڻ هڪ ٻي اي پي سي گهرائي پر غير سنجيده حڪومت جي اي پي سي کي مخالف ڌر سنجيده نه ورتو. اڪثر مخالف ڌر جي پارٽين اڄ حڪومت جي اي پي سي جو بائيڪاٽ ڪيو آهي. هن خيبرپختونخوا ۾ بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته جنهن ڏينهن نمبر پورا ٿيندا،بي اعتمادي رٿ آڻينداسين، صوبي ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي، جلد امن امان تي اسيمبلي اجلاس لاءِ ريڪيوزيشن جمع ڪرائي رهيا آهيون. واضح رهي ته مسلم ليگ (ن)، جمعيت علماءُ اسلام، عوامي نيشنل پارٽي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي متفقه طور تي اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.











