اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) عوام کي اهڙن جعلي پيغامن کان محتاط رهڻ جو چيو آهي جن ۾ ڪوريئر سروسز جي نمائندي طرفان صارف کي فون ڪال ذريعي ويريفڪيشن ڪوڊ بابت معلومات طلب ڪئي ويندي آهي. پي ٽي اي طرفان جاري بيان موجب ايس ايم ايس يا ميسيجنگ ايپس ذريعي ملندڙ ڪو به ڪوڊ ڪنهن سان شيئر نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته اهو …
ڪوريئر سروسز جي نمائندي طرفان ملندڙ پيغامن کان هوشيار رهو: پي ٽي اي

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) عوام کي اهڙن جعلي پيغامن کان محتاط رهڻ جو چيو آهي جن ۾ ڪوريئر سروسز جي نمائندي طرفان صارف کي فون ڪال ذريعي ويريفڪيشن ڪوڊ بابت معلومات طلب ڪئي ويندي آهي. پي ٽي اي طرفان جاري بيان موجب ايس ايم ايس يا ميسيجنگ ايپس ذريعي ملندڙ ڪو به ڪوڊ ڪنهن سان شيئر نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته اهو ڪوڊ اوهان جي اڪائونٽس يا ڊجيٽل سڃاڻپ تائين غير مجاز پهچ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. مستند ڪوريئر ڪمپنيون پارسل پهچائڻ لاءِ صارفين کان ڪنهن به قسم جي ڪوڊ بابت معلومات طلب ناهن ڪنديون. واضح رهي ته پي ٽي اي صارفين کي ڊجيٽل فراڊ کان محفوظ رکڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ عوام کي گذارش آهي ته ڪنهن به پيغام تي عمل ڪرڻ کان پهرين ان جي تصديق ضرور ڪريو.











