اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 175 مظفرڳڙهه ۾ ضمني چونڊ جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو سلسلو 25 جولاءِ تائين جاري رهندو، ان تڪ تي پولنگ 10 سيپٽمبر تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري شيڊول موجب اها سيٽ جمشيد دستي جي نااهلي سبب خالي ٿي هئي. شيڊول موجب اميدوارن جي شروعاتي فهرست 26 جولاءِ تي شايع ڪئي ويندي. نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال …
قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 175 مظفرڳڙهه ۾ ضمني چونڊ جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي 25 جوُلاءِ آخري تاريخ، پولنگ 10 سيپٽمبر تي ٿيندي

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 175 مظفرڳڙهه ۾ ضمني چونڊ جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو سلسلو 25 جولاءِ تائين جاري رهندو، ان تڪ تي پولنگ 10 سيپٽمبر تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري شيڊول موجب اها سيٽ جمشيد دستي جي نااهلي سبب خالي ٿي هئي. شيڊول موجب اميدوارن جي شروعاتي فهرست 26 جولاءِ تي شايع ڪئي ويندي. نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال پهرين آگسٽ تائين، رٽرننگ آفيسر طرفان نامزدگي ڪاغذ منظور يا رد ڪرڻ خلاف اپيلون 5 آگسٽ جڏهن ته اپيلٽ ٽربيونل طرفان کين 12 آگسٽ تائين اڪلايو ويندو. نظرثاني ٿيل فهرست 13 آگسٽ، نامزدگي ڪاغذ 15 آگسٽ تائين واپس وٺي سگهبا جڏهن ته چونڊ نشان 16 آگسٽ تي الاٽ ڪيا ويندا. پولنگ 10 سيپٽمبر تي ٿيندي.











