پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس، فنانس ڊويزن جي سال 24-2023ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو

اسلام آباد -23 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس گذريل ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ چيئرمين جنيد اڪبر خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فنانس ڊويزن ج سال 24-2023ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري سيڪريٽري کنڊ جي قيمتن جي حوالي سان بريفنگ ڏني جنهن …

اسلام آباد -23 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس گذريل ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ چيئرمين جنيد اڪبر خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فنانس ڊويزن ج سال 24-2023ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري سيڪريٽري کنڊ جي قيمتن جي حوالي سان بريفنگ ڏني جنهن ۾ هن ٻڌايو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ کنڊ جي پيداوار هلندڙ سال  گهٽ ٿي آهي، ملڪ ۾ ڪمند جي پيداوار موسمياتي تبديلين سبب گهٽ ٿي، پيداوار ۽ لاڳت ۾ اٽڪل 7 هزار ٽن جو فرق آهي، کنڊ جي قيمتن ۾ هڪدم اضافو ٿيو، گهرج ۽ سپلاءِ جي فرق کي نظر ۾ رکندي 3 لک ميٽرڪ ٽن جو آمدني واپار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پي اي سي جي چيئرمين چيو ته کنڊ جي ايڪسپورٽ ڪندڙ ۽ بعد ۾  امپورٽ ڪندڙن جو فيصلو ڪنهن جو آهي. ايف بي آر چيئرمين چيو ته اسان ڪابينه جي حڪمن تحت  قسم جا 4 ٽيڪس گهٽايا. ميمبرن جو چوڻ هو ته ڪنهن ۽ ڪهڙن سببن جي بنياد تي ڪابينه ڪميٽي کان منظوري ورتي. سيد نويد قمر چيو ته کنڊ وڌيڪ هوندي آهي ته ٻاهر موڪلڻ ۽ جيڪڏهن گهٽ آهي ته آمدني واپار ڪرڻ ۾ ڪو به حرج ناهي هوندو ڇاڪاڻ ته صرف ڪجهه ماڻهن جي هڪ هٽي قائم ڪري کنڊ جي قيمتن جو تعين ڪرڻ درست ناهي. جنيد اڪبر خان چيو ته ان طرز عمل سبب ڪمند جي پوکائي به متاثر ٿيندي آهي. سيد نويد قمر چيو ته ان ۾ اصل ڪردار صوبائي حڪومتن جو ٿئي ٿو، اهو معاملو وفاقي وزارتن جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهي. پي اي سي جي چيئرمين، ايف بي آر جي چيئرمين کان کنڊ جو روانگي واپار ڪندڙن جا تفصيل طلب ڪيا. سيد نويد قمر چيو ته حڪومت کي فري مارڪيٽ جو ماحول فراهم ڪرڻ گهرجي، بيورو ڪريٽ مارڪيٽ نٿو هلائي سگهي. ان جو ڪنهن کي ڪو فائدو ٿيو ان کي ڏسڻ گهرجي. پي اي سي جي چيئرمين ان معاملي کي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪندي هدايت ڪئي ته مڪمل تياري سان اچو ۽ پي اي سي جا طلب ڪيل سمورا  تفصيل به فراهم ڪيو.

مزید خبریں