اسلام آباد -23 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي، ته گوادر جي ترقي لاءِ چين ۽ مقامي شراڪتداري کي هٿي وٺرائينداسين. گوادر ۾ مقامي وسيلن ذريعي اقتصادي موقعا پيدا ڪيا ويندا. جاري پريس پڌرائي موجب وفاقي وزير گوادر پريس ڪلب جي وفد سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته گوادر جي ترقي لاءِ چين ۽ مقامي شراڪتداري کي هٿي …
گوادر جي ترقي لاءِ چين ۽ مقامي شراڪتداري کي هٿي وٺرائينداسين: وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد -23 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي، ته گوادر جي ترقي لاءِ چين ۽ مقامي شراڪتداري کي هٿي وٺرائينداسين. گوادر ۾ مقامي وسيلن ذريعي اقتصادي موقعا پيدا ڪيا ويندا. جاري پريس پڌرائي موجب وفاقي وزير گوادر پريس ڪلب جي وفد سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته گوادر جي ترقي لاءِ چين ۽ مقامي شراڪتداري کي هٿي وٺرائي ويندي، گوادر ۾ مقامي وسيلن ذريعي اقتصادي موقعا پيدا ڪيا ويندا، گوادر ۾ ماهيگيري ويليو ايڊيشن يونٽس ۽ کجيءَ جي پروسيسنگ جا پلانٽس قائم ڪرڻ چاهيون ٿا. گوادر پورٽ تي ٻه هزار ٽن صلاحيت جي ڪولڊ اسٽوريج مان مقامي معيشت کي فائدو کڻڻ گهرجي. ملاقات دوران وفاقي وزير گوادر کي سرسبز بڻائڻ لاءِ ڪميونٽي وڻڪاري مهم تي زور ڀريو. وفاقي وزير عوام کي هر گهر ۾ هڪ وڻ لڳائڻ واري ماحول دوست اپيل پڻ ڪئي.











