اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت هٺ پاڪستان ريلوي جو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ کاتي جي مستقبل جي هدفن، سانوڻي جي برسات جي مند دوران حفاظتي حڪمت عملي، صفائي مهم ۽ بنا ٽڪيٽ جي سفر ڪندڙن خلاف قدمن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. محمد حنيف عباسي آفيسرن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ريلويز ۾ ديانت، محنت …
بنا ٽڪيٽ جي سفر ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ ٻئي جيل ويندا: ريلوي وارو وفاقي وزير محمد حنيف عباسي

مزید خبریں
اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت هٺ پاڪستان ريلوي جو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ کاتي جي مستقبل جي هدفن، سانوڻي جي برسات جي مند دوران حفاظتي حڪمت عملي، صفائي مهم ۽ بنا ٽڪيٽ جي سفر ڪندڙن خلاف قدمن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. محمد حنيف عباسي آفيسرن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ريلويز ۾ ديانت، محنت ۽ قومي جذبي سان فرضن جي ادائيگي وقت جي اهم ضرورت آهي، پاڪستان ريلوي کي جديد، فعال ۽ عوام دوست ادارو بڻائڻ لاءِ جامع ۽ نتيجن واريون ڪوششون ضروري آهن. وفاقي وزير سانوڻي جي برساتن جي خطرن کي نظر ۾ رکندي سمورين ڊويزنن کي فوري هدايتون جاري ڪيون ته ريلوي پُلين، پٽڙين ۽ ٻي انفرا اسٽرڪچر جو وقت سر ۽ باقاعده معائنو ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن به امڪاني حادثي کان بچڻ ممڪن ٿئي، ڪنهن به امڪاني حادثي کان بچاءُ لاءِ اڳواٽ حفاظتي قدم يقيني بڻايا وڃن ڇاڪاڻ ته مسافرن ۽ عملي جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جو اولين قومي فرض آهي. اجلاس ۾ ٽڪٽ کانسواءِ سفر ڪندڙن خلاف پُرزور مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، وفاقي وزير واضح لفظن ۾ چيو ته بنا ٽڪيٽ جي سفر ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ ٻئي جيل ويندا. قانون جي مڪمل عملداري يقيني بڻائي وڃي. اجلاس ۾ صاف سٿرو پنجاب مهم تحت ريلوي اسٽيشنز جو رنگ روغن ۽ صفائي جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، ٻڌايو ويو ته سڄي پنجاب جي ريلوي اسٽيشنن تي جديد صفائي وارو نظام، ويسٽ مينيجمينٽ ۽ صفائي جو تسلسل يقيني بڻايو پيو وڃي. وفاقي وزير مسافرن کي اپيل ڪئي ته هو ريلوي کي صاف، محفوظ ۽ ذميوار ادارو بڻائڻ ۾ ڀرپور تعاون ڪن. هن جو چوڻ هو ته ريلوي اسان جو قومي اثاثو آهي، ان جي حفاظت اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.











