اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سفيران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي صدارت ۾ خيبرپختونخوا جي ضم ٿيل قبائلي ضلعن ۾ جرڳي سسٽم ۽ سول انتظاميه کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان اعليٰ سطح جي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري، ڪشمير …
وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي صدارت ۾ ضم ٿيل قبائلي ضلعن ۾ جرڳي سسٽم ۽ سول انتظاميه کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سفيران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي صدارت ۾ خيبرپختونخوا جي ضم ٿيل قبائلي ضلعن ۾ جرڳي سسٽم ۽ سول انتظاميه کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان اعليٰ سطح جي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري، ڪشمير معاملن واري سيڪريٽري ظفر حسن، اسپيشل گهرو سيڪريٽري دائود بڙيچ، اوورسيز واري سيڪريٽري، اڳوڻي چيف سيڪريٽري شڪيل دراني، آءِ جي پوليس خيبرپختونخوا ۽ مختلف وزارتن جي سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته هي ڪميٽي نه آئيني ترميم جو ڪو نئون مسودو تيار ڪري رهي آهي نه ئي اڳوڻي فاٽا جو انضمام ختم ڪيو پيو وڃي ۽ نه ئي ايف سي آر جي بحالي غُور هيٺ آهي، ان حوالي سان پکيڙيل سمورا افواه بي بنياد آهن. ڪميٽي جو اصل مقصد ضم ٿيل ضلعن جي عوام کي فوري ۽ سستي انصاف جي فراهمي، انهن جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ انهن جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ بابت سفارشون جوڙڻ آهي جيتوڻيڪ ضم ٿيل ضلعا خيبرپختونخوا جو حصو آهن، ان لاءِ هي سفارشون صوبائي حڪومت کي موڪليون وينديون ته جيئن ضم ٿيل ضلعن کي ٻين علائقن جي برابر سهولتون فراهم ڪري سگهجن.











