سينيٽ متفقه طور تي صحافي ۽ ميڊيا پروفيشنلز (ترميمي) ايڪٽ 2022ع منظور ڪري ورتو آهي: سينيٽر سليم مانڊوي والا

اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي)پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر سليم مانڊوي والا اعلان ڪيو آهي ته سينيٽ متفقه طور تي صحافي ۽ ميڊيا پروفيشنلز (ترميمي) ايڪٽ 2022ع منظور ڪري ورتو آهي جيڪو فوري طور تي لاڳو ٿي ويو آهي. اسلام آباد ۾ پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽرن پلوشه خان ۽ شهادت اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينيٽر سليم مانڊوي والا زور ڀريو ته …

اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي)پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر سليم مانڊوي والا اعلان ڪيو آهي ته سينيٽ متفقه طور تي صحافي ۽ ميڊيا پروفيشنلز (ترميمي) ايڪٽ 2022ع منظور ڪري ورتو آهي جيڪو فوري طور تي لاڳو ٿي ويو آهي. اسلام آباد ۾ پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽرن پلوشه خان ۽ شهادت اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينيٽر سليم مانڊوي والا زور ڀريو ته هي قانون صحافين ۽ ميڊيا ڪارڪنن کي ان قابل بڻائيندو ته هو پنهنجي مسئلن کي عدالت، پوليس يا اسيمبلي ميمبرن وٽ وڃڻ کانسوءِ پاڻ حل ڪري سگهن. سينيٽر سليم مانڊوي والا ان بل جي منظوري تي صحافتي برادري کي مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه اهڙي قانونسازي کي ترجيح ڏيندي آهي جيڪا معاشري جي سمورن طبقن لاءِ فائديمند هجي. هن واضح ڪيو ته هي قانون صحافي برادري لاءِ سهولت فراهم ڪندڙ آهي نه وري ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوامي ڀلائي لاءِ قانونسازي ڪندي آهي، سينيٽر مانڊوي والا چيو ته سينيٽ متفقه طور تي ”نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (نئين سر جوڙجڪ) ترميمي ايڪٽ 2024ع“ کي به منظور ڪري ورتو آهي. هن ان بل جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ڪينسر جي مريضن جو ڪو جامع انداز ۾ نظام موجود ناهي. هن چيو ته ڪينسر هڪ موذي بيماري آهي ۽ جيستائين اسان وٽ صحيح ڊيٽا نه هوندي اسان ان جو اصل بار نٿا سمجهي سگهون، هي رجسٽري اسان کي مختلف علائقن ۾ تشخيص ٿيندڙ ڪينسر جي قسمن کي ڄاڻڻ ۾ مدد ڪندي ۽ ڪينسر جي روڪٿام ۽ علاج لاءِ قومي ايڪشن پلان جي جوڙجڪ ۾ مددگار ٿيندي. ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ سليم مانڊوي والا تصديق ڪئي ته هي قانون صحافين کي درپيش ڪيترن ئي چئليجن جو احاطو ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن ڪنهن قسم جي بهتري جي ضرورت هجي ته اسان وڌيڪ ترميمن لاءِ تيار آهيون. ان موقعي تي موجود سياسي صورتحال تي سوالن جا جواب ڏيندي سينيٽر شهادت اعواڻ چيو ته خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي حلف برداري جي معاملي تي آئين ۾ حلف کڻڻ جو طريقيڪار واضح طور تي لکيل آهي. آئين جي 18 هين ترميم بابت سوال تي سينيٽر شهادت اعواڻ چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ ٻه وڏا آئيني قدم مڪمل قومي اتفاق راءِ سان عمل ۾ آيا، هڪ 1973ع جو آئين ۽ ٻيو 18 هين ترميم. هن زور ڀريو ته 18 هين ترميم سان هٿ چراند ڪرڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. سينيٽر پلوشه خان 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪندي چيو ته ڪنهن به جوابدار کي معافي نه ملڻ گهرجي پر ڪنهن بي گناهه کي سزا به نه ملڻ گهرجي. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري واحد سويلين صدر آهي جيڪو ٻي مدي لاءِ چونڊيو ويو آهي ۽ هن مڪمل يقين ظاهر ڪيو ته هو ڪاميابي سان پنهنجو مدو مڪمل ڪندو.

مزید خبریں