خساري ۾ هلندڙ قومي ادارن جي نجڪاري ملڪي معيشت جي بهتري ۽ ترقي جي لاءِ لازمي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 23 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خساري ۾ هلندڙ قومي ادارن جي نجڪاري ملڪي معيشت جي بهتري ۽ ترقي جي لاءِ لازمي آهي، نجڪاري جي عمل کي موثر، جامع ۽ احتياط سان مڪمل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، چونڊ ادارن جي نجڪاري ۾ سمورا قانوني مرحلا ۽ شفافيت جون گهرجون پوريون ڪيون وڃن. هن اهڙن خيالن جو اظهار سرڪاري …

اسلام آباد – 23 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خساري ۾ هلندڙ قومي ادارن جي نجڪاري ملڪي معيشت جي بهتري ۽ ترقي جي لاءِ لازمي آهي، نجڪاري جي عمل کي موثر، جامع ۽ احتياط سان مڪمل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، چونڊ ادارن جي نجڪاري ۾ سمورا قانوني مرحلا ۽ شفافيت جون گهرجون پوريون ڪيون وڃن. هن اهڙن خيالن جو اظهار سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس خان لغاري، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين محمد علي، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته قومي ادارن جي وڏي قيمت واري زمين تي ناجائز قبضو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي، نجڪاري جي مرحلن ۾ قومي ادارن جي ملڪيت ۾ وڏي قيمت واري زمين جي حل ۾ هر ممڪن احتياط ڪيو وڃي، ڄاڻايل ادارن جي مرحليوار نجڪاري جا هدف مارڪيٽ جي معاشي ماحول موجب مقرر ڪيا وڃن ته جيئن قومي خزاني کي ممڪن نقصان کان هر صورت ۾ بچائي سگهجي. هن چيو ته نجڪاري جي مرحلن ۾ ڳاڙهي ڦيٿي ۽ غيرضروري عنصرن جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ نجڪاري ڪميشن کي قانون موجب مڪمل خودمختياري ڏني ويندي، سمورن فيصلن تي مڪمل ۽ موثر انداز ۾ عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، نجڪاري ڪميشن ۾ جاري ڪم جي اڳڀرائي جي باقاعدگي سان پاڻ نگراني ڪندس، نجڪاري جي مرحلن ۽ ادارن جي نئين سر جوڙجڪ ۾ پيشيور ماهرن جي مشاورت ۽ عالمي معيار کي برقرار رکيو وڃي. وزيراعظم کي 2024ع ۾ نجڪاري لسٽ ۾ شامل ڪيل ادارن جي نجڪاري تي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نجڪاري ڪميشن چونڊ ادارن جي مرحليوار نجڪاري ۾ قانوني، مالياتي ۽ شعبه جاتي گهرجن کي نظر ۾ رکي رهي آهي، بجلي جي پهچ وارين ڪمپنيز (ڊسڪوز) سميت نجڪاري جي لسٽ ۾ شامل سمورن ادارن جي نجڪاري کي مقرر معاشي، اداراجاتي ۽ انتظامي هدفن موجب مڪمل ڪيو ويندو.

مزید خبریں