وفاقي گهرو وزير جي بنگلاديش جي هم منصب سان ملاقات، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻه طرفا لاڳاپن بابت ڳالهيون

ڍاڪا -23 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي  بنگلاديش جي هم منصب ليفٽيننٽ جنرل (ر) جهانگير عالم چوڌري  سان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪ بنگلاديش ٻه طرفه لاڳاپن بابت ڳالهيون ڪيون. گهرو وزارت آمد تي بنگلاديش جي هم منصب سندس شاندار آجيان ڪئي. گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب گهرو وزير محسن نقوي جي آمد تي بنگلاديش جي هم منصب سندس …

ڍاڪا -23 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي  بنگلاديش جي هم منصب ليفٽيننٽ جنرل (ر) جهانگير عالم چوڌري  سان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪ بنگلاديش ٻه طرفه لاڳاپن بابت ڳالهيون ڪيون. گهرو وزارت آمد تي بنگلاديش جي هم منصب سندس شاندار آجيان ڪئي. گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب گهرو وزير محسن نقوي جي آمد تي بنگلاديش جي هم منصب سندس شاندار آجيان ڪئي ۽ کيس گارڊ آف آنرز پيش ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪ بنگلاديش ٻه طرفه لاڳاپن بابت ڳالهيون ڪيون. ملاقات  ۾ سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽس تي ويزا فري انٽري تي وڏي اڳڀرائي ٿي، ٻنهي ملڪن سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽس کي ويزا فري انٽري جي سهولت ڏيڻ جو اصولي فيصلو ڪيو. گهرو  وزير انٽرنل سيڪيورٽي ۽ پوليس ٽريننگ جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو. ڌرين منشيات جي روڪٿام ۽ انساني اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ حصيداري وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل قدمن بابت به ڳالهيون ڪيون. پوليس اڪيڊميز ۾ ٽريننگ پروگرامز جي گڏيل مٽاسٽا تي به ڳالهيون ٿيون. بنگلاديشي گهرو وزير چيو ته هو ڍاڪا اچڻ تي پنهنجي ڀاءُ جو دل جي گهرائين سان آجيان ڪري ٿو. هن محسن نقوي  کي چيو ته اوهان جو دورو پاڪ بنگلاديش ٻه رفه لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ لاءِ انتهائي اهم آهن. بنگلاديش جي گهرو وزير پوليس ٽريننگ جي آڇ تي گهرو وزير محسن نقوي جو ٿورو مڃيو. بنگلاديش سان دهشتگردي جي خاتمي، منشيات جي روڪٿام ۽ انساني اسمگلنگ جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي پاڪ بنگلاديش ٻه طرفه تعاون کي هٿي وٺائڻ لاءِ گڏيل ڪميٽي به جوڙي وئي. پاڪستان طرفان وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم آغا ڪميٽي جو سربراهه هوندو. بنگلاديش جو اعليٰ سطحي وفد جلد ئي سيف سٽي پراجيڪٽ ۽ نيشنل پوليس اڪيڊمي جو دورو ڪرڻ اسلام آباد ايندو. بنگلاديش جي گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير خدا بخش، گهرو سيڪريٽري نسيم الغني، ايشيشنل سيڪريٽري سيڪيورٽي ڊويزن شميم خان، پاڪستاني هاءِ ڪميشن جو ناظم الامور محمد واصف، پوليٽيڪل قونصلر   ڪامران دهينگل ۽ اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا.

مزید خبریں