وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد – 23 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازو ئي ٿيندڙ واپاري ڳالهه ٻولهه ٻنهي ڌرين جي لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ڪالهه اربع …

اسلام آباد – 23 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازو ئي ٿيندڙ واپاري ڳالهه ٻولهه ٻنهي ڌرين جي لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ڪالهه اربع ڏينهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم ڪنگ چارلس ٽئين ۽ برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته هو هن سال جي آخر ۾ برطانيا جي قيادت سان ملاقات جو منتظر آهي. هن برطانوي حڪومت پاران پي آءِ اي جي اڏامن جي بحالي جي تازي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته ان مثبت اڳڀرائي سان برطانوي پاڪستاني ڪميونٽي کي درپيش مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ ماڻهن جي وچ ۾ مٽاسٽا کي وڌائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. هن ان سلسلي ۾ هاءِ ڪمشنر جي مثبت ڪردار کي خاص طور تي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازو ئي ٿيندڙ واپاري ڳالهه ٻولهه ٻنهي ڌرين جي لاءِ گڏيل طور تي فائديمند ثابت ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پڻ برطانيا سان ويجهو تعاون ڪري رهيو آهي جنهن جي هن وقت پاڪستان وٽ صدارت آهي. ملاقات ۾ ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ برطانيا جي ڪردار کي ساراهيندي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڀارت سان سمورن حل طلب مسئلن تي بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار آهي. برطانوي هاءِ ڪمشنر وزيراعظم کي پنهنجي لنڊن جي تازي دوري بابت ٻڌايو جتي هن پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ جي حوالي سان وسيع مشاورت ڪئي. برطانوي هاءِ ڪمشنر وزيراعظم جي ويزن ۽ قيادت ۾ گذريل ڏيڍ سال ۾ حڪومت جي معاشي ڪارڪردگي کي ساراهيو جنهن سان سمورن اهم ميڪرو اڪنامڪ اشارن ۾ نمايان بهتري آئي آهي. ملاقات ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر وزيراعظم سان ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ علائقائي اڳڀرائي تي برطانيا جي موقف جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.

مزید خبریں