اسلام آباد – 23 – جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان آسٽريا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير اينڊريا وِڪي ايوان صدر ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. صدر ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ ۾ سفير جي خدمتن کي ساراهيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پڻ موجود هو. صدر ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ ۾ آسٽرين سفير جي خدمتن کي ساراهيو. هن …
صدر سان آسٽريا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي الوداعي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 – جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان آسٽريا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير اينڊريا وِڪي ايوان صدر ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. صدر ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ ۾ سفير جي خدمتن کي ساراهيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پڻ موجود هو. صدر ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ ۾ آسٽرين سفير جي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان آسٽريا سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته آسٽريا جا سيڙپڪار پاڪستان جي سياحت واري شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. پاڪستان آسٽريا جي الپائن ٽوئرازم جي مهارت مان فائدو کڻي سگهي ٿو. صدر چيو ته آسٽريا جون ڪمپنيون پاڪستان جي تربيت يافته آءِ ٽي ماهرن جي خدمتن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. هن آسٽريا جي صدر لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پڻ ڏنو. صدر عهدو ڇڏيندڙ سفير اينڊريا وِڪي کي ذميواريون بهتر طريقي سان مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.











