اسلام آباد – 23 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) چوماسي جي لاءِ روزاني جي بنياد تي ڪوآرڊينيشن ڪانفرنس جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. اها ڪانفرنس اين ڊي ايم اي جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) ۾ ٿيندي. اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب ٿيندڙ پهرين ڪانفرنس ۾ شهري ۽ دريائي …
وزيراعظم جي هدايت تي اين ڊي ايم اي پاران چوماسي جي لاءِ روزاني جي بنياد تي ڪوآرڊينيشن ڪانفرنس جو سلسلو شروع

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) چوماسي جي لاءِ روزاني جي بنياد تي ڪوآرڊينيشن ڪانفرنس جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. اها ڪانفرنس اين ڊي ايم اي جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) ۾ ٿيندي. اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب ٿيندڙ پهرين ڪانفرنس ۾ شهري ۽ دريائي ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جهڙن امڪاني خطرن جو جائزو ورتو ويندو. ڪانفرنس ۾ پي ڊي ايم ايز، ڊي ڊي ايم ايز، موسمياتي کاتي، ريسڪيو، سول ڊفينس، واٽر اينڊ ايريگيشن، پي ٽي اي سميت ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. سمورن ادارن کي امڪاني خطرن جي ڏس ۾ وقت سر قدم کڻڻ ۽ ردعمل جي حڪمت عملي تي عملدرآمد جون هدايتون ڏنيون ويون. ادارا پنهنجون تياريون، درپيش مسئلن، گهربل وسيلن ۽ جاري قدمن جا تفصيل ڪانفرنس ۾ پيش ڪيا. اين ڊي ايم اي موجب ڪانفرنس جو مقصد سمورن لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ گڏيل حڪمت عملي کي فروغ ڏيڻ آهي ته جيئن چوماسي جي سيزن دوران امڪاني خطرن کي موثر طريقي سان منهن ڏنو وڃي. اين ڊي ايم اي موسمياتي صورتحال ۽ امڪاني خطرن بابت اڳواٽ آگاهي کي يقيني بڻائي رهي آهي. روزانو جي بنياد تي ٿيندڙ اها ڪانفرنس چوماسي دوران عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. اين ڊي ايم اي ۽ ٻيا ادارا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي عوام جي حفاظت جي لاءِ پرعزم آهن.











