سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران سينيئر سياستدان ميان اظھر جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظھار

اسلام آباد - 23 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سينيئر سياستدان ۽ پنجاب جي اڳوڻي گورنر ميان اظھر جي لاڏاڻي تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو آھي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ميان اظھر جون سياسي خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آھن، ھو سچو سياستدان، عوامي نمائندو ۽ قومي مفادن جي تحفظ جو علمبردار ھو، ھن ھميشه …

اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سينيئر سياستدان ۽ پنجاب جي اڳوڻي گورنر ميان اظھر جي لاڏاڻي تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو آھي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ميان اظھر جون سياسي خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آھن، ھو سچو سياستدان، عوامي نمائندو ۽ قومي مفادن جي تحفظ جو علمبردار ھو، ھن ھميشه جمھوري روايتن، پارلياماني قدرن ۽ عوام جي ڀلائي کي اوليت ڏني، سندس لاڏاڻو ملڪ لاءِ وڏو نقصان آھي. سينيٽ چيئرمين مرحوم جي گھرڀاتين سان دلي ھمدردي ۽ تعزيت جو اظھار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ميان اظھر جا درجات بلند فرمائي ۽ گھرڀاتين کي اھو صدمو صبر ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ جي توفيق ڏئي.

مزید خبریں