سي پيڪ جي ترقي جي ڏس ۾ پاڪستان ۾ چيني شهرين جو تحفظ وڌيڪ اهميت وارو ٿي چڪو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 22 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ترقي جي ڏس ۾ پاڪستان ۾ چيني شهرين جو تحفظ وڌيڪ اهميت وارو ٿي چڪو آهي، اسان ملڪ ۾ چيني برادري جي لاءِ هڪ محفوظ ۽ ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪري رهيا آهيون، پوري ملڪ ۾ عالمي معيار موجب سيف سٽي منصوبا تعمير ڪيا پيا وڃن، چين اسان جو …

اسلام آباد – 22 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ترقي جي ڏس ۾ پاڪستان ۾ چيني شهرين جو تحفظ وڌيڪ اهميت وارو ٿي چڪو آهي، اسان ملڪ ۾ چيني برادري جي لاءِ هڪ محفوظ ۽ ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪري رهيا آهيون، پوري ملڪ ۾ عالمي معيار موجب سيف سٽي منصوبا تعمير ڪيا پيا وڃن، چين اسان جو دوست ملڪ آهي، چين سان ڀائيچاري تي ٻڌل اسان جا تاريخي لاڳاپا آهن، چيني ڀائرن جو تحفظ پاڪستان حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ چيني شهرين جي سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسلام آباد سميت پوري ملڪ ۾ چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي موثر بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا پيا وڃن، سيف سٽي منصوبو ان وڌندڙ صلاحيت جو بهترين مثال آهي، پوري ملڪ ۾ عالمي معيار موجب سيف سٽي منصوبا تعمير ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته چين اسان جو دوست ملڪ آهي، چين سان ڀائيچاري تي ٻڌل اسان جا تاريخي لاڳاپا آهن، چيني ڀائرن جو تحفظ پاڪستان حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه پاڪستان ۽ چين جو انتهائي اهم گڏيل منصوبو آهي، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه هاڻي پنهنجي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس طرز تي معاملا طئي ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ترقي جي ڏس ۾ پاڪستان ۾ چيني شهرين جو تحفظ وڌيڪ اهميت وارو ٿي چڪو آهي، اسان ملڪ ۾ چيني برادري جي لاءِ هڪ محفوظ ۽ ڪاروبار دوست ماحول تعمير ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني معيشت ۾ چيني ڪمپنين جو اعتماد اسان جي معاشي مستقبل جي لاءِ انتهائي اهم آهي، پوري ملڪ ۾ هوائي اڏن تي چيني شهرين جي اچ وڃ جي سهولت جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پوري ملڪ ۾ چيني شهرين جي لاءِ خصوصي سيڪيورٽي انتظامن جي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ گهرو وزير محسن نقوي وزيراعظم کي پوري ملڪ ۾ سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي کان آگاهه ڪيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته دهشتگردي جي خدشن جي ڏس ۾ چيني شهرين جي خصوصي سيڪيورٽي جا انتظام لاڳو آهن، وفاق ۽ سمورا صوبا ان ڏس ۾ ڀرپور تعاون سان ڪم ڪري رهيا آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پوري ملڪ ۾ سيف سٽي منصوبا تعمير هيٺ آهن، چيني شهرين کي سفر جي لاءِ سيڪيورٽي ايسڪورٽ جي سهولت ڏني پئي وڃي، سمورن نئين رهائشي منصوبن ۾ سيف سٽي جي معيار جون ڪئميرائون هنيون وينديون. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ هئا.

مزید خبریں