اسلام آباد – 22 – جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قلات بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي 8 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته قوم متحد آهي، دهشتگردي کي هر صورت ۾ ناڪام بڻايو ويندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته سيڪيورٽي فورسز جرئت ۽ پيشيواراڻي مهارت سان ملڪ دشمن عنصرن کي …
صدر پاران قلات بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي 8 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 22 – جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قلات بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي 8 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته قوم متحد آهي، دهشتگردي کي هر صورت ۾ ناڪام بڻايو ويندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته سيڪيورٽي فورسز جرئت ۽ پيشيواراڻي مهارت سان ملڪ دشمن عنصرن کي منطقي انجام تائين پهچايو. صدر چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم پنهنجي بهادر فورسز سان گڏ بيٺل آهي. آصف علي زرداري چيو ته دهشتگرد امن ۽ استحڪام کي سبوتاز ڪرڻ چاهين ٿا جنهن جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. صدر چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون.











