اسلام آباد – 22 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيف سٽي، ڪيپيٽل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو دورو ڪيو ۽ سيف سٽي منصوبي تحت پوليس اسٽيشن آن وهيلز منصوبي جو افتتاح ڪيو. سيف سٽي، ڪيپيٽل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي دوري جي موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري …
وزيراعظم پاران سيف سٽي، ڪيپيٽل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد – 22 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيف سٽي، ڪيپيٽل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو دورو ڪيو ۽ سيف سٽي منصوبي تحت پوليس اسٽيشن آن وهيلز منصوبي جو افتتاح ڪيو. سيف سٽي، ڪيپيٽل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي دوري جي موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. آءِ جي پوليس اسلام آباد علي ناصر رضوي ان موقعي تي وزيراعظم کي منصوبي بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته پوليس اسٽيشن آن وهيلز جو مقصد 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي ڊرائيونگ لائيسنس جاري ڪرڻ کانسواءِ عوام کي ايف آءِ آر ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سيف سٽي سرويلنس سسٽم تحت اسلام آباد ۾ ڪل 3257 ڪئميرائون لڳل آهن، انهن ڪئميرائن جي ذريعي اسلام آباد ۾ مختلف تقريبن، محرم الحرام ۽ ٻوڏ جهڙن خصوصي واقعن جي سيڪيورٽي جي نگراني ڪئي وڃي ٿي، هڪ سال ۾ 1700 ڪئميرائون ٺيڪ ڪرايون آهن، نئين پراجيڪٽ تحت اسان جي ڪئميرائن جو انگ 3300 ٿيندو جنهن سان 97 سيڪڙو اسلام آباد جي ڪوريج ٿيندي، موثر نگراني جي لاءِ اي آءِ ۽ فيشل ريڪگنيشن جهڙي جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم دوري ۾ پوليس آپريشن سينٽر، آن لائين ويمن پوليس اسٽيشن، ٽيڪسي ويري فڪيشن سسٽم ۽ هنچ ليپ جي مرڪزن جو پڻ دورو ڪيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽيڪسي ويري فڪيشن سسٽم مسافرن ۽ ڊرائيورن ٻنهي جي تحفظ جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي ۽ اسلام آباد ۾ هلندڙ سمورين ٽيڪسين ۽ ڊرائيورن جو رڪارڊ محفوظ ڪيو ويو آهي، هڪ ڪيو آر ڪوڊ هنيو ويو آهي، جڏهن به ڪو مسافر ڪنهن ٽيڪسي ۾ ويهندو ته ڪيو آر ڪوڊ کي اسڪين ڪندو ته ان سان ٽيڪسي ۽ ڊرائيور جي ويري فڪيشن ٿي ويندي. وزيراعظم اهلڪارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن جي محنت ۽ جذبي کي ساراهيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته روزانو 25 جي لڳ ڀڳ ڪالز موصول ٿين ٿيون جن تي ضروري ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي ٿي. وزيراعظم هاءِ پروفائيل ڪيسن تي ڪم ڪندڙ سيف سٽي جي باصلاحيت نوجوانن ۾ انهن جي خدمتن جي ڏس ۾ ليپ ٽاپ ورهايا. وزيراعظم سيف سٽي ۾ ڪم ڪندڙ اهلڪارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن جي واکاڻ ڪئي. دوري ۾ وزيراعظم کي سيف سٽي پاران پوليس اسٽيشن آن وهيلز جو پهريون ڊرائيونگ لائيسنس اعزازي طور پيش ڪيو ويو. وزيراعظم کي پوليس اسٽيشن آن وهيلز تحت داخل ڪيل پهرين ايف آءِ آر پڻ ڏيکاري وئي.











