پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران بي بي اين جي معاهدي تي صحيحون

نيويارڪ – 22 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز ۾ گڏيل قومن جي سامونڊي قانون بابت ڪنوينشن تحت قومي دائره اختيار کان ٻاهر علائقن ۾ سامونڊي حياتياتي جيوت جي تحفظ ۽ پائيدار استعمال جي معاهدي (بي بي اين جي معاهدي) تي صحيحون ڪيون. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان بي بي اين جي …

نيويارڪ – 22 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز ۾ گڏيل قومن جي سامونڊي قانون بابت ڪنوينشن تحت قومي دائره اختيار کان ٻاهر علائقن ۾ سامونڊي حياتياتي جيوت جي تحفظ ۽ پائيدار استعمال جي معاهدي (بي بي اين جي معاهدي) تي صحيحون ڪيون. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان بي بي اين جي ڳالهه ٻولهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، خاص طور تي 2022ع جي ٻن اهم اجلاسن ۾ گروپ آف 77 ۽ چين“ جي صدارت ڪندي اسرندڙ ملڪن جي گڏيل موقف جي نمائندگي ڪندي پاڪستان انصاف تي ٻڌل فائدن جي ورڇ، صلاحيت جي تعمير ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي مسلسل وڪالت، جيڪا انساني ورثي جي اصولن موجب آهي. بي بي اين جي معاهدي تي صحيحون پاڪستان جي گهڻ رخي تعاون ۽ قومي دائره اختيار کان ٻاهر جي علائقن ۾ سامونڊي حياتياتي تنوع جي تحفظ ۽ پائيدار استعمال جي عزم جو عڪاس آهي.

مزید خبریں