وزيراعظم پاران اسلام آباد ۾ گاڏي سميت ٻوڏ واري پاڻي ۾ لُڙهي ويندڙ پيءُ ۽ ڌيءَ کي ريسڪيو ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت

اسلام آباد – 22 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد جي هائوسنگ سوسائٽي ۾ پيءُ ۽ ڌيءَ جي گاڏي سميت ٻوڏ واري پاڻي ۾ لُڙهي وڃڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ برساتن ۽ ٻوڏ صورتحال سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گاڏي سميت ٻوڏ واري پاڻي ۾ لُڙهي ويندڙ …

اسلام آباد – 22 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد جي هائوسنگ سوسائٽي ۾ پيءُ ۽ ڌيءَ جي گاڏي سميت ٻوڏ واري پاڻي ۾ لُڙهي وڃڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ برساتن ۽ ٻوڏ صورتحال سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گاڏي سميت ٻوڏ واري پاڻي ۾ لُڙهي ويندڙ پيءُ ۽ ڌيءَ کي ريسڪيو ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ٻوڏ ۽ مختلف حادثن ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هن هدايت ڪئي ته حادثن ۾ زخمي ٿيندڙن کي فوري طبي امداد فراهم ڪئي وڃي، ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ريسڪيو آپريشنز تيز ڪيا وڃن، اين ڊي ايم اي صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن سان مسلسل رابطي ۾ رهي ۽ انهن کي سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪري. هن هدايت ڪئي ته متاثر عوام تائين فوري ريليف پهچايو وڃي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ڪنهن به امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون وڃن، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ ايف ڊبليو او ٻوڏ کان متاثر رستن ۽ رابطا رستن جي بحالي جو ڪم تيز ڪري.

مزید خبریں