موسمياتي تبديلي انسانيت لاءِ سنگين خطرو آهي: وفاقي وزير احسن اقبال

اسلام آباد -22 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته موسمياتي تبديلي ڪو مفروضو ناهي پر هڪ خوفناڪ حقيقت بڻجي چڪي آهي، جيڪا پوري انسانيت جي مستقبل کي خطري ۾ وجهي رهي آهي. موسمياتي تبديلي جي موضوع تي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته عالمي سطح تي ماحولياتي انصاف کي هٿي وٺائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ …

اسلام آباد -22 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته موسمياتي تبديلي ڪو مفروضو ناهي پر هڪ خوفناڪ حقيقت بڻجي چڪي آهي، جيڪا پوري انسانيت جي مستقبل کي خطري ۾ وجهي رهي آهي. موسمياتي تبديلي جي موضوع تي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته عالمي سطح تي ماحولياتي انصاف کي هٿي وٺائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته متاثر اسرندڙ ملڪ پاڻ عالمي طاقتن کان ”ڊو مور“  جو مطالبو ڪن، ڇاڪاڻ ته هاڻي خاموشي تباهي کي دعوت ڏيڻ جي برابر آهي. رٿابندي واري وزير  چيو ته 100 ارب ڊالرز ساليانو متاثر ملڪن لاءِ خيرات ناهي پر انهن جو جائز حق آهي،  جيڪو ترقي يافته دنيا جي ماحولياتي واعدن جو بنياد آهي. عالمي طاقتن کان هميشه ڊو مور  جو مطالبو ڪيو ويو، هاڻي وقت آهي ته ترقي  يافته ملڪ به ڊو مور ڪن. ترقي يافته ملڪن کي گهرجي ته هو ماحولياتي واعدا پورا ڪن ۽ متاثر ملڪن کي مالي ۽ فني مدد فراهم ڪن.  هن چيو ته پاڪستان ۾ 7 هزار کان وڌيڪ گليشيئرز موجود آهن. جيڪي تيزي سان ڳري رهيا آهن، جن جي شرح 60 سال جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي آهي.  اها صورتحال سنڌو درياهه جي آبي نظام لاءِ به سنگين خطرو آهي، جيڪو ملڪ جي 90 سيڪڙو زرعي پيداوار جو ذريعو آهي. احسن اقبال چيو ته 2022ع جي خطرناڪ ٻوڏ موسمياتي تبديلي جي خطرن جو چٽو ثبوت هئي، جنهن ملڪي معيشت، زراعت، انفراسٽرڪچر ۽ انساني حياتين کي سخت نقصان پهچايو. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ غير معمولي موسم، برساتن جي شدت، ٻوڏ، ڏڪار ۽ غذائي بحران جهڙا نوان خطرا جنم وٺي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته پاڪستان حڪومت موسمياتي تبديلي کي پنهنجي قومي حڪمت عملي ۽ فائيو ايز پاليسي جو بنيادي ٿنڀ بڻائي ڇڏيو آهي ته جيئن ماحولياتي تحفظ، پائيدار ترقي، تجديد جوڳي توانائي، آبي تحفظ ۽ موسمياتي خطرن کان بچاءَ لاءِ اثرائتا قدم کڻي سگهجن. وفاقي وزير عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي، ته ماحولياتي بحران جي حل لاءِ اسان کي گڏجي فيصلو ڪرڻو پوندو، ڳالهين کان نڪري عملي قدم کڻڻ گهرجن، پاڪستان جهڙن متاثر ملڪن کي ماحولياتي تحفظ لاءِ مالي، فني مدد ۽ انصاف جي اشد ضرورت آهي.

مزید خبریں