سينيٽ چيئرمين سان فيصل ڪريم ڪنڊي جي ملاقات، صوبي جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد -22 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪئي. ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جو پارلياماني ليڊر احمد ڪريم ڪنڊي به ساڻس گڏ هو.  گورنر آفيس مان جاري بيان موجب  ملاقات ۾ ڪي پي ڪي ۾ امن امان ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. سينيٽ چيئرمين سينيٽ جي تازين چونڊن ۾ مخالف اتحاد …

اسلام آباد -22 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪئي. ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جو پارلياماني ليڊر احمد ڪريم ڪنڊي به ساڻس گڏ هو.  گورنر آفيس مان جاري بيان موجب  ملاقات ۾ ڪي پي ڪي ۾ امن امان ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. سينيٽ چيئرمين سينيٽ جي تازين چونڊن ۾ مخالف اتحاد جي ميمبرن جي ڪاميابي جي حوالي سان بهترين حڪمت عملي ۽ جمهوري انداز سان ان مرحلي جي مڪمل ٿيڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي کي خراج تحسين پيش ڪيو.  هن اميد ظاهر ڪئي ته ڪي پي ڪي مان نوان چونڊيل سينيٽر پنهنجي صوبي جي مسئلن جي حوالي سان سينيٽ ۾ ڪردار ادا ڪندا. ملاقات ۾ گورنر  سينيٽ چيئرمين کي صوبي ۾ بدامني ۽ صوبي جي حقن جي حوالي سان سياسي پارٽين جي خدشن ۽ مطالبن کان به آگاهه ڪيو. گورنر ضم ٿيل ضلعن جي نمائندن طرفان اتي جي مسئلن ۽ ڏکيائين کان به سينيٽ چيئرمين کي آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ضم ٿيل  ضلعن جي نمائندن جو هڪ جرڳو صدر، وزيراعظم، سينيٽ چيئرمين ۽ ٻين اهم شخصيتن سان ملاقات جو خواهشمند آهي.

مزید خبریں