پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف سان رائل سعودي نيول فورسز جي سربراهه وائيس ايڊمرل عبدالرحمان الغريبي جي ملاقات

راولپنڊي-22 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف سان رائل سعودي نيول فورسز جي سربراهه وائيس ايڊمرل عبدالرحمان الغريبي نيول هيڊ ڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر پاران جاري پريس رليز موجب نيول هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي سعودي بحريه جي سربراهه کي پاڪ بحريه جي چُست جٿي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، خطي جي سيڪيورٽي ۽ ٻه طرفن …

راولپنڊي-22 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف سان رائل سعودي نيول فورسز جي سربراهه وائيس ايڊمرل عبدالرحمان الغريبي نيول هيڊ ڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر پاران جاري پريس رليز موجب نيول هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي سعودي بحريه جي سربراهه کي پاڪ بحريه جي چُست جٿي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، خطي جي سيڪيورٽي ۽ ٻه طرفن ناتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نيول چيف ريجنل ميري ٽائم سيڪيورٽي پيٽرولز ذريعي خطي ۾ امن ۽ سلامتيءَ لاءِ پاڪ بحريه جي قدمن تي روشني وڌي. سعودي بحريه جي سربراهه خطي ۾ سامونڊي سيڪيورٽي ۽ استحڪام جي حوالي سان پاڪ بحريه جي ڪاوشن کي ساراهيو. وائيس ايڊمرل عبدالرحمان الغريبي پاڪستان نيول اڪيڊمي ۾ سعودي ڪيڊٽس جي معياري تربيت کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي ناتن جي دائره ڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو ويو. سعودي بحريه جي سربراهه جي تازي دؤري سان ٻنهي ملڪن خاص ڪري هٿياربند فوج وچ ۾ ناتن کي وڌيڪ هٿي ملندي.

مزید خبریں