اسلام آباد-22 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج اسڪردو ۾ مٽي جون ڇپون ڪرڻ سبب بند ٿيل رستا کولي ڇڏيا، ڦاٿل سمورن ماڻهن ۽ گاڏين کي محفوظ طريقي سان ڪڍيو ويو. ٽريفڪ کي بحال ڪري اچ وڃ لاءِ بحال ڪيو ويو آهي. فوجي جٿا اڃا به علائقي ۾ موجود آهن ته جيئن ڪنهن امڪاني هنگامي صورتحال کي وقت سر مُنهن ڏئي سگهجي. گذريل ڏينهن سخت برساتن ۽ ڪلائوڊ برسٽ سبب …
پاڪ فوج اسڪردو ۾ مٽي جو ڇپون ڪرڻ سبب بند ٿيل رستا کولي ڇڏيا، ڦاٿل سمورن ماڻهن ۽ گاڏين کي محفوظ طريقي سان ڪڍيو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-22 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج اسڪردو ۾ مٽي جون ڇپون ڪرڻ سبب بند ٿيل رستا کولي ڇڏيا، ڦاٿل سمورن ماڻهن ۽ گاڏين کي محفوظ طريقي سان ڪڍيو ويو. ٽريفڪ کي بحال ڪري اچ وڃ لاءِ بحال ڪيو ويو آهي. فوجي جٿا اڃا به علائقي ۾ موجود آهن ته جيئن ڪنهن امڪاني هنگامي صورتحال کي وقت سر مُنهن ڏئي سگهجي. گذريل ڏينهن سخت برساتن ۽ ڪلائوڊ برسٽ سبب اسڪردو – ديوسائي روڊ ۽ مختلف هنڌ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب بند ٿي ويا هئا، جنهن سبب 40 کان 50 گاڏين ۾ سوار سياح ۽ مقامي ماڻهو رستن ۾ ڦاسي پيا. پاڪ فوج فوري ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو. سڄي رات جي اڻٿڪ ڪوششن کانپوءِ پاڪ فوج جي انجنيئرنگ ٽيمن ڳرين مشينري ذريعي اسڪردو کان سدپاره مانٽينرئنگ اسڪول ۽ ديوسائي کان سدپاره ڳوٺ تائين روڊ کي مڪمل طور تي ڪليئر ڪيو. مقامي ماڻهن ۽ سياحن پاڪ فوج جي وقت سر ڪارورائي ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن جي ڀرپور تعريف ڪئي.











