بابو سر شاهراهه ۽ قراقرم هاءِ وي تي پاڪ فوج جو ريسڪيو آپريشن جاري

اسلام آباد-22 جولاءِ (اي پي پي) بابو سر ۽ قراقرم هاءِ وي تي تازي ٻوڏ سبب ڦاٿل سياحن ۽ مسافرن کي بچائڻ لاءِ پاڪ فوج ڀرپور ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو آهي. پاڪ فوج جي هيليڪاپٽرن هن وقت تائين 15 سارٽيز ذريعي ڪيترن ئي ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو آهي، پاڪ فوج ۽ گلگت بلتستان اسڪائوٽس جون ٽيمون متاثر ماڻهن کي کاڌي پيتي جون شيون ۽ زخمين کي فوري …

اسلام آباد-22 جولاءِ (اي پي پي) بابو سر ۽ قراقرم هاءِ وي تي تازي ٻوڏ سبب ڦاٿل سياحن ۽ مسافرن کي بچائڻ لاءِ پاڪ فوج ڀرپور ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو آهي. پاڪ فوج جي هيليڪاپٽرن هن وقت تائين 15 سارٽيز ذريعي ڪيترن ئي ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو آهي، پاڪ فوج ۽ گلگت بلتستان اسڪائوٽس جون ٽيمون متاثر ماڻهن کي کاڌي پيتي جون شيون ۽ زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪري رهيا آهن. رستن جي بحالي لاءِ مشنيري ۽ افرادي قوت رات کان لاڳيتو ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته ملبو هٽائڻ ۽ رستا کولڻ جو عمل به جاري آهي. گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ سرچ اينڊ ريسيڪيو ٽيمون ڏکين پهاڙي علائقن ۾ سرگرم آهن. پاڪ فوج ۽ ريسڪيو اهلڪارن جي پيشيواراڻي ڪارڪردگي وڏي پئماني تي انساني حياتيون بچائي ورتيون آهن. لاڳاپيل ادارا صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع قدم کڻي رهيا آهن. جڏهن ته عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته متاثر علائقن ڏانهن سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن.

مزید خبریں