اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بنگلاديش ايئر فورس جي تربيتي جھاز سان پيش آيل افسوسناڪ حادثي تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو آھي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين حادثي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي دلي ڏک ۽ غم جو اظھار ڪندي چيو آھي ته اھو واقعو سڄي انسانيت لاءِ ھڪ دل ڏکائيندڙ سانحو آھي. ھن بنگلادش …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران بنگلاديش جي ايئر فورس جي تربيتي جھاز جي خوفناڪ حادثي تي افسوس جو اظھار

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بنگلاديش ايئر فورس جي تربيتي جھاز سان پيش آيل افسوسناڪ حادثي تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو آھي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين حادثي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي دلي ڏک ۽ غم جو اظھار ڪندي چيو آھي ته اھو واقعو سڄي انسانيت لاءِ ھڪ دل ڏکائيندڙ سانحو آھي. ھن بنگلادش حڪومت، پارليامينٽ ۽ عوام سان مڪمل يڪجھتي جو اظھار ڪندي چيو ته ڏک جي ھن گھڙي ۾ پاڪستاني قوم پنھنجي بنگلاديش جي ڀائرن سان گڏ آھي. سيد يوسف رضا گيلاني فوت ٿيلن جي گھرڀاتين سان دلي ھمدردي ۽ تعزيت جو ظھار ڪندي فوتين جي مغفرت، درجن جي بلندي ۽ گھرڀاتين لاءِ صبر جي دعا ڪئي. سينيٽ چيئرمين حادثي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ به نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو.











