يو اين 80 قدم تحت پائيدار ترقي جا هدف وقت سر حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل وابستگي جو نئين سر جائزو وٺڻو پوندو: اسحاق ڊار

اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته گڏيل قومن جي قائم ٿيڻ جي 80هين سالگرهه ملهائيندي سيڪريٽري جنرل جو يو اين 80 قدم اهم موقعو فراهم ڪري ٿو ته اسان گڏيل قومن جي ٽن ٿنڀن کي مضبوط بڻائڻ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي وقت سر حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل وابستگي جو نئين سر …

اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته گڏيل قومن جي قائم ٿيڻ جي 80هين سالگرهه ملهائيندي سيڪريٽري جنرل جو يو اين 80 قدم اهم موقعو فراهم ڪري ٿو ته اسان گڏيل قومن جي ٽن ٿنڀن کي مضبوط بڻائڻ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي وقت سر حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل وابستگي جو نئين سر جائزو وٺون، چئلينجن جي باوجود پاڪستان 2030ع جي ايجنڊا کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار اعليٰ سطحي سياسي فورم (ايڇ ايل پي ايف) جي جنرل مباحثي دوران پنهنجي خطاب ۾ ڪيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته 2030ع ۾ رڳو پنج سال باقي آهن ۽ ان وقت تائين رڳو 35 سيڪڙو پائيدار ترقي جا هدف (ايس ڊي جيز) صحيح رخ ۾ آهن، عالمي وبا، خوراڪ، ٻارڻ ۽ مالياتي بحرانن جي گڏيل اثرن ۽ موسمياتي تبديلين جي وڌندڙ اثرن ترقي جي مشڪل سان حاصل ڪيل ثمرن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڻبرابري کي وڌيڪ گهرو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته انهن چئلينجن جي باوجود پاڪستان 2030ع جي ايجنڊا کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. هن اعليٰ سطحي سياسي فورم (ايڇ ايل پي ايف) جي جنرل مباحثي کي خطاب ۾ چيو ته اڏار پاڪستان جهڙيون اسان جون قومي ترقياتي حڪمت عمليون پائيدار ترقي جي هدفن سان هم آهنگ آهن. نائب وزيراعظم چيو ته اسان جي سماجي تحفظ جون اسڪيمون جن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ بينظير نشونما (ٻارن جي نشونما جا پروگرام) شامل آهن، ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ جوڙيا ويا آهن ته ڪير به پٺتي نه رهجي وڃي. هن چيو ته نوجوانن جي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ اسان ڊيجيٽل يوٿ حب جي شروعات ڪئي آهي، دانش اسڪولن ۽ نئين يونيورسٽين جي ڪئمپسز جي ذريعي معياري تعليم تائين پهچ کي وڌائي رهيا اهيون. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته اسان موسمياتي تبديلي جي خلاف قدمن کي وڌائي رهيا آهيون جنهن ۾ 2030ع تائين 60 سيڪڙو قابل تجديد توانائي جو هدف حاصل ڪرڻ شامل آهي، ان کانسواءِ ريچارج پاڪستان ۽ ليونگ انڊس جهڙن قدمن جي ذريعي پنهنجي مزاحمتي صلاحيت کي مضبوط ڪيو پيو وڃي، اسان جو نئون قومي سطح تي مقرر ڪيل موسمياتي عزم (اين ڊي سي) آخري مرحلن ۾ آهي. اسحاق ڊار چيو ته اسان مالياتي استحڪام جي لاءِ اهم معاشي سڌارا متعارف ڪرايا آهن ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ ماحول کي وڌيڪ سازگار بڻايو آهي. هن چيو ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ترجيحي شعبن ۾ سڌوسنئون غيرملڪي سيڙپڪاري کي فروغ ڏئي رهي آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ قومي سطح جون ڪوششون اهم آهن پر اهي اڪيلي ڪافي نه ٿيون ٿي سگهن، جيئن ته سيڪريٽري جنرل صحيح طور تي نشاندهي ڪئي آهي ته پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ عالمي مالياتي نظام ۾ سڌارا لازمي آهن، اسرندڙ ملڪن کي رعايتي ۽ گرانٽ تي ٻڌل وسيلن تائين وسيع پهچ، قرضن ۾ ريليف ۽ موسمياتي فنانس ۾ اضافو گهربل آهي ته جيئن اهي پائيدار ترقي جي هدفن جي مالي ضرورتن کي پورو ڪري سگهن. هن ڪمپروميسو ڊي سيويل جيڪو مالياتي ترقي بابت چوٿين عالمي ڪانفرنس ۾ منظور ڪيو ويو، هڪ واضح روڊ ميپ فراهم ڪري ٿو، ان تي عملدرآمد ۾ وڌيڪ دير نه ٿيڻ گهرجي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته جيئن ته اسان گڏيل قومن جي قائم ٿيڻ جي 80هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون، سيڪريٽري جنرل جو يو اين 80 قدم اسان کي هڪ اهم موقعو فراهم ڪري ٿو ته اسان گڏيل قومن جي ٽن ٿنڀن کي مضبوط بڻائڻ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي وقت سر حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل وابستگي جو نئين سر جائزو وٺون.

مزید خبریں