لاهور-21 جولاءِ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پنجاب ريجن جي دؤري جي موقعي تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي هن وقت جي نه پر ايندڙ 30 سالن جي منصوبا بندي ڪندي معياري ۽ پائيدار تعميرات کي يقيني بنائين. هن چيو ته ملتان روڊ سان رنگ روڊن تائين التوا هيٺ ڪمن کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ …
لاهور- سيالڪوٽ موٽر وي کاريان- اسلام آباد سان لنڪ هوندي: عبدالعليم خان

مزید خبریں
لاهور-21 جولاءِ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پنجاب ريجن جي دؤري جي موقعي تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي هن وقت جي نه پر ايندڙ 30 سالن جي منصوبا بندي ڪندي معياري ۽ پائيدار تعميرات کي يقيني بنائين. هن چيو ته ملتان روڊ سان رنگ روڊن تائين التوا هيٺ ڪمن کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ ٻين معاملن جي معيار تي ڪوبه ٺاهه نه ڪيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته لاهور کان سيالڪوٽ موٽر وي کي کاريان کان اسلام آباد تائين لنڪ ڪري رهيا آهيون جنهن سان اسلام آباد کان لاهور جي موٽر وي تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيڻ سان گڏوگڏ 100 ڪلوميٽر جو فاصلو ۽ سفر جو وقت به هڪ ڪلاڪ گهٽ ٿي ويندو. هن چيو ته لاهور کان سيالڪوٽ ۽ اسلام آباد جي موٽر وي سان گجرات، گجرانوالا، کاريان، جهلم ۽ گوجر خان ضلعا به ان موٽر وي سان منسلڪ ٿيندا جنهن سان لاڳاپيل ضلعن جي شهرين کي خاص ڪري لاهور کان اسلام آباد سفر لاءِ وڌيڪ سهولتون حاصل ٿينديون. وفاقي وزير اعليٰ سطحي اجلاس ۾ اين ايڇ اي جي آفيسرن کان جاري رٿائن تي رپورٽ طلب ڪئي ۽ پنجاب ريجن جي مختلف منصوبن، نون انٽرچينجز ۽ ٻين تعميراتي شين تي ضروري هدايتون ڏنيون.











