اسلام آباد-21 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ ڀنگ ڪنٽرول اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي ترميمي بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ جي اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر ڊاڪٽر افنان الله رٿ پيش ڪئي ته ڀنگ ڪنٽرول اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي ترميمي بل 2025ع کي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي. جنهن کانپوءِ چيئرمين بل شق وار منظوريءَ لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي …
سينيٽ پاران ڀنگ ڪنٽرول اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي ترميمي بل 2025ع منظور

مزید خبریں
اسلام آباد-21 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ ڀنگ ڪنٽرول اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي ترميمي بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ جي اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر ڊاڪٽر افنان الله رٿ پيش ڪئي ته ڀنگ ڪنٽرول اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي ترميمي بل 2025ع کي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي. جنهن کانپوءِ چيئرمين بل شق وار منظوريءَ لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي منظور ڪيو ويو. جڏهن ته تماڪ ڇِڪڻ کان روڪڻ ۽ تماڪ نه واپرائيندڙ ماڻهن جي صحت جو تحفظ ترميمي بل 2025ع جي پُڻ منظوري ڏني وئي، سينيٽ جي اجلاس ۾ پ پ جي سينيٽر سرمد علي رٿ پيش ڪئي ته تماڪ ڇِڪڻ کان روڪڻ ۽ تماڪ نه واپرائيندڙ ماڻهن جي صحت جو تحفظ ترميمي بل 2025ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ چيئرمين بل شق وار منظوريءَ لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.











