اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف طبي اوزارن جي لائيسنسنگ ۽ رجسٽريشن جي ڊيجيٽل نظام جو افتتاح ڪندي چيو آهي ته طبي شعبي ۾ انقلاب آڻڻ مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن نه آهي، ملڪي تقدير بدلائڻ جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن اسان عالمي دنيا ۾ ڪنڌ کڻي هلنداسين، صحت واري وزارت ۾ ڊيجيٽائيزيشن …
وزيراعظم پاران طبي اوزارن جي لائيسنسنگ ۽ رجسٽريشن جي ڊيجيٽل نظام جو افتتاح

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف طبي اوزارن جي لائيسنسنگ ۽ رجسٽريشن جي ڊيجيٽل نظام جو افتتاح ڪندي چيو آهي ته طبي شعبي ۾ انقلاب آڻڻ مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن نه آهي، ملڪي تقدير بدلائڻ جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن اسان عالمي دنيا ۾ ڪنڌ کڻي هلنداسين، صحت واري وزارت ۾ ڊيجيٽائيزيشن جو عمل ساراهه جوڳو آهي. هو طبي اوزارن جي لائيسنسنگ ۽ رجسٽريشن جي ڊيجيٽل نظام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم صحت واري وزير، صحت واري سيڪريٽري، سي اي او ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) ۽ ان جي ٽيم کي طبي اوزارن جي لائيسنسنگ ۽ رجسٽريشن جي ڊيجيٽل نظام متعارف ڪرائڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته صحت واري وزارت ۾ ڊيجيٽائيزيشن جو عمل ساراهه جوڳو آهي، ان ڊيجيٽل سسٽم کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ڪم جي شروعات اسان پي ڊي ايم جي حڪومت ۾ ڪئي، ڊريپ جو قابل سي اي او آيو آهي، ڊريپ ۾ به قابل ماڻهو موجود هئا جڏهن ته انهن کي نظرانداز ڪيو ويو، سي اي او جي مقرري مڪمل ميرٽ تي ڪئي وئي آهي، صحت وارو وفاقي وزير ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي، سندس ڏينهن رات محنت سان سندس بطور ميئر ڪراچي ڪارڪردگي پڻ ظاهر ٿي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اهو هڪ ڊگهو سفر آهي، پاڪستان جي هڪ دوست ملڪ هڪ اسپتال ۽ هڪ برن يونٽ تحفي ۾ ڏنو جيڪي ڪيترن ئي سالن کان بند پيل آهن، منهنجي چوڻ تي مصطفيٰ ڪمال ان جو نوٽيس ورتو، هاڻي ان کي فعال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اڃا به دير ناهي ٿي، جيڪڏهن اڄ به اسان اهو فيصلو ڪريون ته طبي شعبي ۾ انقلاب آڻڻو آهي ته اهو مشڪل ضرور آهي ناممڪن نه آهي. هن چيو ته اڄ جنهن سسٽم جو افتتاح ڪيو ويو آهي ان سان طبي اوزارن جي رجسٽريشن 20 ڏينهن ۾ ٿيندي، ان تي ڪيترائي سال فيصلا نه ٿي رهيا هئا، هتي رشوت جي بازار گرم هئي، اڄ ان ۾ سڌارا ۽ شفافيت آندي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته وزير، سيڪريٽري ۽ سي اي او 20 ڏينهن ۾ ميرٽ تي فيصلا ڪري هڪ تاريخ قائم ڪندا. هن چيو ته راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي جو منصوبو شروع ڪيو ته ان جي لاءِ هڪ اهڙو انچارج گهربل هو ته جيئن صحيح معنيٰ ۾ اهو ادارو آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخواهه سميت ٻين ڀرپاسي جي مريضن کي فائدو ۽ صحيح علاج جي سهولت ملي ته ان جي لاءِ جنرل اظهر ڪياني کي مقرر ڪيو ۽ ان جي لاءِ دل مان دعائون نڪرن ٿيون ته هن راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي کي دل جي مرض جي پاڪستان جي هڪ بهترين اسپتال بڻايو، اسان کي پاڪستان ۾ اهڙي طرح جو نظام گهرجي، وفاق ۽ صوبن کي گڏجي قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته 16 – 2015ع ۾ جڏهن اربين رپين سان مستحق مريضن کي مفت دوائن جي فراهمي جو منصوبو شروع ڪيو ته ان وقت ان مان دوائن جا سيمپل ٽيسٽ جي لاءِ ٻاهر موڪليا ويا ته اهو انڪشاف ٿيو ته 60 سيڪڙو دوائون غيرمعياري نڪتيون، اهو تڪليف ڏيندڙ ڪم هو، ان کانپوءِ اسان قدم کنيا ۽ غريب، امير سڀني کي سرڪاري اسپتالن ۾ هڪ معياري دوائن جي دستيابي يقيني بڻائي، اسان جي قدمن جي ڪري ٿوري ئي عرصي ۾ سرڪاري خريد ڪيل دوائن کي ٻيهر ٽيسٽ جي لاءِ موڪليو ته اهي سڀ معياري نڪتيون. هن چيو ته مسئلا ٿيندا آهن پر جيڪڏهن انسان دل سان فيصلو ڪري وٺي ته انهن مسئلن کي منهن ڏيڻو آهي ته ترقي ۽ خوشحالي جو رستو ڪا به شيءَ نه ٿي روڪي سگهي، ان لاءِ محنت ۽ الله کان مدد طلب ڪرڻ ضروري آهي، الله ڪنهن جي محنت ضايع وڃڻ ناهي ڏيندو، اهو ڪاميابي ضرور عطا ڪري ٿو. هن چيو ته اسان کي پاڪستان جي تقدير بدلائڻي آهي ۽ اهو ڏينهن جلد ايندو جڏهن اسان عالمي دنيا ۾ ڪنڌ کڻي هلنداسين، ان جي لاءِ پوري قوم کي گڏجي فيصلو ڪرڻو پوندو. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته عوام جي سهولت ۽ نظام ۾ بهتري جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ سڌارن جو عمل اڳتي وڌائي رهيا آهيون، طبي اوزارن جي لائيسنسنگ ۽ رجسٽريشن جو ڊيجيٽل نظام وزيراعظم جو ويزن آهي جنهن سان ڪرپشن ختم ٿيندي، ان نظام کانپوءِ اسان ميڊيڪل ڊيوائيسز جي ريگيوليشن ۾ ڪنهن جي مدد نه ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته ان سستم تحت گهر ويهي پنهنجا دستاويز پورا ڪرڻ کانپوءِ درخواست ڏيڻ جي 20 ڏينهن جي اندر لائيسنس گهر ويٺي ملي ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ طبي اوزارن جي رجسٽريشن جو عمل تمام گهڻو مشڪل هو، ميڊيڪل ڊيوائسز جي ريگيولرائيزيشن جي لاءِ سفارشي ڪلچر ان نظام کانپوءِ ختم ٿي ويو آهي. هن چيو ته موجوده وسيلن ۾ رهندي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڊيجيٽل سسٽم جاري ڪرڻ ۾ تعاون تي آءِ ٽي ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارن وزيرن جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته وزيراعظم انتهائي باصلاحيت ترين انسان آهي ۽ ٽي ڀيرا هڪ صوبي جو وڏو وزير ۽ وزارت عظميٰ جي عهدي تي رهڻ جي ڪري کيس هر شيءَ جي خبر آهي، هو وزيرن ۽ سيڪريٽرين کان وڌيڪ ڪم ڪري ٿو ۽ ڄاڻ رکي ٿو، صلاحيت ۽ فالو اپ ۾ سندس ڪو ثاني نه آهي، مون کي فخر آهي ۽ اطمينان ٿئي ٿو ته ملڪ جون واڳون بهترين هٿن ۾ آهن، کيس ڪم اچي ٿو، رجسٽريشن جي ڊيجيٽل نظام جو ويزن به وزيراعظم جو آهي ان لاءِ سندس هر قدم تي رهنمائي ۽ مدد حاصل رهي، نرسنگ ۽ ميڊيڪل ڊينٽل ڪائونسلز کي بهتر بڻائڻ وڃي رهيا آهيون، اسان پرائمري هيلٿ ڪيئر کي مضبوط بڻائڻ وڃي رهيا آهيون، ان جي ڪري وڏين اسپتالن تي مريضن جو دٻاءُ هوندو آهي. هن چيو ته وزيراعظم آبادي جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي آهي، پاڪستان ۾ هن وقت آبادي جي شرح 2.5 سيڪڙو آهي جڏهن ته فزيبلٽي ريٽ 3.6 آهي، اسان هر سال نيوزيلينڊ کان وڏي آبادي جو هن ملڪ ۾ اضافو ڪري رهيا آهيون، هر سال ساڍا 61 لک آبادي جو اضافو ٿي رهيو آهي، پائيدار ترقي جي لاءِ آبادي جي شرح 2 سيڪڙو تي آڻڻي پوندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ 68 سيڪڙو بيماريون ناقص پاڻي پيئڻ جي ڪري آهن، نئين هائوسنگ سوسائٽين ۾ سيوريج جي حوالي سان ڪو انتظام ناهي هوندو. هن چيو ته اسان اهڙا ڪيو آر ڪوڊ ۽ بار ڪوڊ متعارف ڪرائڻ وڃي رهيا آهيون جنهن سان 24 ڪروڙ ماڻهو دوائن جي جعلي يا اصلي هجڻ، ان جي مدي خارج تاريخ ۽ ان جي اصل قيمت کان آگاهي حاصل ڪري وٺندا، اهو ڪم اسان ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪري وٺنداسين. ان موقعي تي وزيراعظم وفاقي وزيرن ۽ ٻي ٽيم سان گڏ باضابطا طور تي ان ڊيجيٽل نظام جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ميسرز ڪوئيڪ ٽيسٽ پاڪستان لميٽيڊ جي سي اي او وزيراعظم کان پنهنجو پهريون لائيسنس وصول ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، طارق فضل چوڌري، شزه فاطمه خواجه ۽ صحت واري وزارت ۽ ڊريپ جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.











