اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري رائل سعودي نيول فورسز جي سربراهه وائيس ايڊمرل محمد بن عبدالرحمان الغريبي کي ايوان صدر ۾ منعقد هڪ پروقار تقريب ۾ نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. کيس اهو اعزاز پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي خدمتن جي اعتراف ۾ عطا ڪيو ويو آهي. منعقد خصوصي تقريب ۾ دفاع واري وفاقي …
صدر آصف علي زرداري پاران رائل سعودي نيول فورسز جي سربراهه وائيس ايڊمرل محمد بن عبدالرحمان الغريبي کي نشان امتياز (ملٽري) عطا

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري رائل سعودي نيول فورسز جي سربراهه وائيس ايڊمرل محمد بن عبدالرحمان الغريبي کي ايوان صدر ۾ منعقد هڪ پروقار تقريب ۾ نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. کيس اهو اعزاز پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي خدمتن جي اعتراف ۾ عطا ڪيو ويو آهي. منعقد خصوصي تقريب ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيدالمالڪي، پارليامينٽ ميمبرن ۽ ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوجن جي سينيئر آفيسرن کانسواءِ ٻين اعليٰ عسڪري ۽ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. واضح رهي ته وائيس ايڊمرل محمد بن عبدالرحمان الغريبي نيول وار ڪاليج لاهور مان پڙهي نڪتل آهي جتان هن 2005ع ۾ ماسٽر ڊگري حاصل ڪئي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي سامونڊي فوجن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ ۾ سندس خدمتون شاندار آهن ۽ سندس ڳاڻيٽو پاڪستان جي مخلص دوستن ۾ ٿئي ٿو. کيس اهو اعزاز پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سامونڊي تعاون کي وڌائڻ ۾ غيرمعمولي ڪوششن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو. اهو ايوارڊ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون خاص طور تي سامونڊي شعبي ۾ پراڻي ۽ مضبوطي فوجي لاڳاپن جو عڪاس آهي.











