صدر آصف علي زرداري سان رائل سعودي بحريه جي سربراهه وائيس ايڊمرل محمد بن عبدالرحمان الغريبي جي ملاقات

اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان رائل سعودي بحريه جي سربراهه وائيس ايڊمرل محمد بن عبدالرحمان الغريبي ملاقات ڪئي. صدر آصف علي زرداري وائيس ايڊمرل الغريبي کي اعزاز ملڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي بحريه جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ ۾ سندس ڪوششن کي ساراهيو. ملاقات ۾ سعودي عرب جو سفير نواف سعيد المالڪي پڻ موجود هو. ايوان صدر …

اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان رائل سعودي بحريه جي سربراهه وائيس ايڊمرل محمد بن عبدالرحمان الغريبي ملاقات ڪئي. صدر آصف علي زرداري وائيس ايڊمرل الغريبي کي اعزاز ملڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي بحريه جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ ۾ سندس ڪوششن کي ساراهيو. ملاقات ۾ سعودي عرب جو سفير نواف سعيد المالڪي پڻ موجود هو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب تقريب کانپوءِ رائل سعودي بحريه جي سربراهه وائيس ايڊمرل محمد بن عبدالرحمان الغريبي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي. مُلاقات ۾ صدر آصف علي زرداري زور ڏنو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ پاڪستاني عوام ۽ حڪومت مشڪل وقتن ۾ سعودي عرب جي حمايت جي گهري قدر ڪن ٿا. هن پاڪ بحريه ۽ رائل سعودي بحريه جي وچ ۾ جاري گڏيل سرگرمين تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوجن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي زور ڏنو. هن رائل سعودي بحريه پاران فيبروري 2025ع ۾ منعقد گڏيل سامونڊي مشق امن – 25 ۽ امن ڊائيلاگ – 25 ۾ شرڪت کي ساراهيو جنهن سان گڏيل منصوبن سان سامونڊي تعاون ۽ گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ملي ٿو. صدر ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ويزن کي پڻ ساراهيو جنهن جي قيادت ۾ سعودي عرب تبديلي، ترقي ۽ پائيدار خوشحالي طرف گامزن آهي. هن شاهي سعودي بحريه جي پاڪ بحريه جي ٽريننگ سسٽم تي اعتماد کي ساراهيو ۽ ٻنهي سامونڊي فوجن جي وچ ۾ تربيتي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري وائيس ايڊمرل محمد بن عبدالرحمان الغريبي کي چيو ته هو خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي سندس مبارڪباد وارن جذبن ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائي، جيڪي پاڪستان ۽  سعودي عرب جي مضبوط رشتي جي عڪاسي ڪن ٿا. اُن کان اڳ ايوان صدر ۾ منقعد هڪ خصوصي تقريب ۾ رائل سعودي بحريه جي سربراهه وائيس ايڊمرل محمد بن عبدالرحمان الغريبي کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. اهو اعزاز وائيس ايڊمرل الغريبي جي پيشيواراڻي ڪاميابين ۽ رائل سعودي بحريه ۽ پاڪ بحريه جي وچ ۾ دوستي کي مضبوط بڻائڻ ۾ سندس ڪردار جي اعتراف ۾ ڏنو ويو آهي. ايوان صدر ۾ منعقد ٿيندڙ خصوصي تقريب ۾ پاڪستاني هٿياربند فوج جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.  

مزید خبریں