نيويارڪ – 21 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سومر ڏينهن نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي پائيدار ترقي بابت اعليٰ سطحي سياسي فورم (ايڇ ايل پي ايف) جي وزارتي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو ۽ قومي بيان ڏيندو. نائب وزيراعظم گڏيل قومن جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سومر ڏينهن نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو

مزید خبریں
نيويارڪ – 21 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سومر ڏينهن نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي پائيدار ترقي بابت اعليٰ سطحي سياسي فورم (ايڇ ايل پي ايف) جي وزارتي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو ۽ قومي بيان ڏيندو. نائب وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ جنرل اسيمبلي جي صدر سان پڻ ملاقات ڪندو. سينيٽر اسحاق ڊار سامونڊي حياتياتي جيوت جي تحفظ ۽ قومي حدن کان ٻاهر پائيدار استعمال جي معاهدي (بي بي اين جي) تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. پاڪستان جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير آمريڪا جي هڪ هفتي جي سرڪاري دوري تي آهي جتي هو جولاءِ ۾ سلامتي ڪائونسل جي صدارت دوران اهم اجلاسن جي صدارت ڪندو.











