وزيراعظم پاران بلوچستان ۾ عورت ۽ مرد جي قتل جي واقعي جي مذمت، وڏي وزير کي ملوث ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي هدايت

اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ عورت ۽ مرد جي قتل جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته وڏي وزير کي واقعي جي جاچ ۽ ملوث ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ واقعي …

اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ عورت ۽ مرد جي قتل جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته وڏي وزير کي واقعي جي جاچ ۽ ملوث ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ واقعي جي جاچ جي هدايت ڪندي چيو ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي. وزيراعظم چيو ته ڪو به شخص قانون کان مٿانهون نه آهي ۽ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ سمورا قانوني قدم کنيا وڃن.

مزید خبریں