گهرو وزير پاران ايف آءِ اي جي هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد جو دؤرو، شهيدن جي يادگار تي حاضري، اجلاس ۾ اداري جي نئين سر تنظيم سازيءَ جو فيصلو

اسلام آباد-21 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ايف آءِ اي جي هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد جو دؤرو ڪيو، شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. ايف آءِ اي جي جديد رُخن تي نئين سر نئين سر تنظيم سازيءَ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ جامع پلان طلب ڪري ورتو. گهرو وزارت طرفان جاري بيان موجب گهرو وزير ايف آءِ اي …

اسلام آباد-21 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ايف آءِ اي جي هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد جو دؤرو ڪيو، شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. ايف آءِ اي جي جديد رُخن تي نئين سر نئين سر تنظيم سازيءَ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ جامع پلان طلب ڪري ورتو. گهرو وزارت طرفان جاري بيان موجب گهرو وزير ايف آءِ اي جي شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري ۽ شهيدن جي يادگارن تي گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. گهرو وزير شهيدن جي عظيم قربانين کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو. گهرو وزير ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽرز ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ايف آءِ اي جي جديد رُخن تي نئين سر تنظيم سازيءَ جو فيصلو ڪيو ويو. گهرو وزير اداري کي وڌيڪ فعال بنائڻ لاءِ قانونن ۽ رولز ۾ ضروري ترميمن تي فوري ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. گهرو وزير ايف آءِ اي لاءِ فوري طور جديد ٽيڪنالاجي ۽ گهربل هٿيارن جي فراهمي جي منظوري به ڏني. گهرو وزير چيو ته ايف آءِ اي کي حڪومت سان عوام جي اميدن تي پورو لهڻو پوندو، ڪارڪردگي تي ايف آءِ اي کي وڌيڪ رعايتون ڏنيون وينديون. محسن نقوي چيو ته غير قانوني اميگريشن ۾ ملوث مافيا سان لوهي هٿن سان مُنهن ڏنو ويندو. گهرو وزير چيو ته بيرحماڻي ڪريڪ ڊائون ڪئي وڃي ۽ زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي وڃي. محسن نقوي چيو ته ملڪ جي بدنامي جي ذميدار ڌُرين کي روڪڻ ايف آءِ اي جي اولين ذميواري آهي. محسن نقوي چيو ته شهرين جي سهولت لاءِ ايئرپورٽس تي اميگريشن عمل کي آسان ۽ سولو بنايو وڃي. گهرو وزير ايف آءِ اي کي فاسٽ ٽريڪ جو ڪائونٽر قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. گهرو وزير نصاب کي جديد رُخن موجب بنائڻ جي هدايت ڪئي. گهرو وزير اسٽاف جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي منظور ٿيل خالي آسامين تي فوري ڀرتيءَ جي هدايت ڏني. گهرو وزير هيڊ ڪوارٽرز جي عمارت جي بحاليءَ لاءِ ماسٽر پلان طلب ڪري ورتو. گهرو وزير چيو ته ايف آءِ اي اڪيڊمي کي نئين الاٽ ڪيل زمين تي منتقل ڪيو وڃي. محسن نقوي ڪراچي زونل آفيس جي بحالي به جلد کان جلد ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڊي جي ايف آءِ اي راجا رفعت مختار گهرو وزير کي اداري ۾ جاري سڌارن تي بريفنگ ڏني. گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري، گهرو سيڪريٽري، چيئرمين سي ڊي اي سميت ايف آءِ اي جا اعليٰ عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.

مزید خبریں