بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف سان سعودي نيول چيف جي ملاقات

اسلام آباد-21 جولاءِ (اي پي پي) رائل سعودي نيول فورسز جي چيف آف نيول اسٽاف وائس ايڊمرل محمد بن عبدالرحمان الغريبي ڪالهه بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ان جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. جاري ٿيل بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي ڌُرين پاڪستان ۽ سعودي وچ ۾ پائيدار ۽ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجايو جن جون پاڙون گڏيل قدرن، گڏيل اعتماد ۽ تعاون جي ڀرپور تاريخ آهن. ٻنهي …

اسلام آباد-21 جولاءِ (اي پي پي) رائل سعودي نيول فورسز جي چيف آف نيول اسٽاف وائس ايڊمرل محمد بن عبدالرحمان الغريبي ڪالهه بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ان جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. جاري ٿيل بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي ڌُرين پاڪستان ۽ سعودي وچ ۾ پائيدار ۽ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجايو جن جون پاڙون گڏيل قدرن، گڏيل اعتماد ۽ تعاون جي ڀرپور تاريخ آهن. ٻنهي ڌُرين ٻه طرفي دفاعي تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. خاص طور تي سامونڊي تعاون ۽ علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽيءَ تي توجهه ڏني وئي. وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي هٿياربند فوج وچ ۾ پُراڻي حصيداري کي ساراهيندي گڏيل مشقن، تربيتي مٽاسٽا ۽ مسلسل ڳالهين ذريعي گڏيل تعاون کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ٻنهي طرفان امن ۽ گڏيل خوشحالي جي مفاد ۾ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم کي ورجايو ويو. ملاقات جي پڄاڻي پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ تاريخي لاڳاپن کي ورجائڻ سان ٿيو ۽ جيڪو گڏيل امنگن ۽ ترقيءَ لاءِ گڏيل ويزن تي ٻَڌل آهي.

مزید خبریں