اسلام آباد-21 جولاءِ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وزارت ڪي پي ڪي ۾ حلف برداريءَ تي بنا جواز تنقيد ڪندي ان حوالي سان چيو آهي ته ڪجهه سياسي ڌُريون ۽ قانون جو مطالعو ڪرڻ کانسواءِ سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي پي ڪي جي گورنر طرفان مخصوص سيٽن جي ميمبرن جي حلف برداريءَ کي بنا جواز تنقيد جو نشانو بنائي رهيو آهي جيڪو افسوس جوڳو آهي. وزارت طرفان …
ڪي پي ڪي جي گورنر پاران مخصوص سيٽن جي ميمبرن جي حلف برداريءَ کي بنا جواز تنقيد جو نشانو بنائڻ افسوس جوڳو آهي: قانون ۽ انصاف واري وزارت

مزید خبریں
اسلام آباد-21 جولاءِ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وزارت ڪي پي ڪي ۾ حلف برداريءَ تي بنا جواز تنقيد ڪندي ان حوالي سان چيو آهي ته ڪجهه سياسي ڌُريون ۽ قانون جو مطالعو ڪرڻ کانسواءِ سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي پي ڪي جي گورنر طرفان مخصوص سيٽن جي ميمبرن جي حلف برداريءَ کي بنا جواز تنقيد جو نشانو بنائي رهيو آهي جيڪو افسوس جوڳو آهي. وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙا غير ذميداراڻه بيان مخصوص سيٽن تي عدالتي فيصلي ۽ سينيٽ چونڊن جي آئيني عمل جي حوالي سان ڄاڻي واڻي بي يقيني جي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آهي. ان حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس آئين جي آرٽيڪل 255 تحت پنهنجون آئيني ذميداريون نڀايون، ان تي تنقيد به بي بنياد ۽ افسوس جوڳو آهي. پڌرائيءَ موجب 26هين آئيني ترميم کانپوءِ آرٽيڪل 255 تحت جيڪڏهن ڪنهن صوبي ۾ ڪنهن آئيني عهدي جي حلف برداريءَ ۾ ڄاڻي واڻي رڪاوٽ يا غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي ته درخواست وصول هئڻ جي صورت ۾ ان صوبي جي چيف جسٽس جي هي آئيني ذميداري آهي ته هو اهڙي حلف برداريءَ لاءِ ڪنهن به شخص جي نامزدگي ڪندو. چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ ڪي پي ڪي اسيمبليءَ ۾ مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن جي حلف برداريءَ لاءِ ڪي پي ڪي جي گورنر کي ذميداري سونپي آئين جي آرٽيڪل 255 تحت پنهنجي آئيني ذميداري نڀائي آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت چيو آهي ته پاڪستان ۾ آئين قانون جي بالادستي ۽ نظام کي شفاف ۽ بهتر بنائڻ لاءِ آئين مڪمل رهنمائي ڪري ٿو جيڪو عوامي نمائندن جي مجموعي دانش جي عڪاسي ۽ ملڪي سلامتي جي مفادن جو محافظ آهي.











