پوپ ليو پاران غزه ۾ جنگ ختم ڪرڻ جو مطالبو

ويٽيڪن سٽي - 21 جولاءِ (اي پي پي) ڪيٿولڪ فرقي جي وڏي ۽ معتبر عھديدار پوپ ليو مطالبو ڪيو آھي ته غزه ۾ جاري جنگ کي ھاڻي ختم ڪيو وڃي. پرڏيھي ميڊيا مطابق سندس اھو مطالبو غزه ۾ مسيحي برادري جي گرجا گھر تي اسرائيلي فوج جي تازي حملي بعد سامھون آيو آھي، جنھن تي ھن ڏک جو اظھار ڪيو آھي. غزه ۾ ھولي فيملي گرجا گھر تي ڪيل حملي …

ويٽيڪن سٽي – 21 جولاءِ (اي پي پي) ڪيٿولڪ فرقي جي وڏي ۽ معتبر عھديدار پوپ ليو مطالبو ڪيو آھي ته غزه ۾ جاري جنگ کي ھاڻي ختم ڪيو وڃي. پرڏيھي ميڊيا مطابق سندس اھو مطالبو غزه ۾ مسيحي برادري جي گرجا گھر تي اسرائيلي فوج جي تازي حملي بعد سامھون آيو آھي، جنھن تي ھن ڏک جو اظھار ڪيو آھي. غزه ۾ ھولي فيملي گرجا گھر تي ڪيل حملي جي نتيجي ۾ پادري سميت 3 ماڻھو فوت ٿيا ھئا. ياد رھي ته 22 مھينن کان اسرائيل جي غزه ۾ جنگ جاري آھي ۽ ھيستائين ان ۾ اسرائيلي فوج 58700 کان وڌيڪ فلسطيني مسلمانن کي قتل ڪري چڪي آھي. جن ۾ وڏو تعداد فلسطيني ٻارن ۽ عورتن جو آھي. پوپ ليو دعا واري تقريب ۾ غزه ۾ گرجا گھر تي ٿيل بمباري ۾ فوت ٿيلن جا نالا پڙھيا. ھن چيو ته مان عالمي برادري کان مطالبو ڪيان ٿو ته انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي ڏسي ۽ شھرين جي حفاظت کي يقيني بڻائي. ھن چيو ته شھرين کي ڏنل اجتماعي سزا جو سلسلو روڪيو وڃي ۽ جبري لڏ پلاڻ جو خاتمو ڪيو وڃي.