اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي شهزادي الوليد بن خالد بن طلال جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته شهزادي الوليد بن خالد بن طلال جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي، سندس ڊگهي ۽ دليراڻي جدوجهد سڄي دنيا ۾ …
وزيراعظم پاران سعودي عرب جي شهزادي الوليد بن خالد بن طلال جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي شهزادي الوليد بن خالد بن طلال جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته شهزادي الوليد بن خالد بن طلال جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي، سندس ڊگهي ۽ دليراڻي جدوجهد سڄي دنيا ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کان ساراهه ۽ دعائون حاصل ڪيون. وزيراعظم چيو ته اسان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان، شاهي خاندان ۽ سعودي عرب جي ڀائر عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. الله تعاليٰ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.











