اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران مسلم ليگ (ن) جي سوشل ميڊيا ٽيم جي متحرڪ ميمبر ڪاشف اعواڻ جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت

لاهور – 21 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ مسلم ليگ (ن) جي سوشل ميڊيا ٽيم جي متحرڪ ميمبر ڪاشف اعواڻ جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ سندس گهر ويو ۽ مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. وفاقي وزير ڪاشف اعواڻ ۽ مرحومه جي ٻين گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي هن چيو …

لاهور – 21 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ مسلم ليگ (ن) جي سوشل ميڊيا ٽيم جي متحرڪ ميمبر ڪاشف اعواڻ جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ سندس گهر ويو ۽ مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. وفاقي وزير ڪاشف اعواڻ ۽ مرحومه جي ٻين گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته ڪاشف اعواڻ جي والده جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. ماءُ جهڙي عظيم هستيءَ جو لاڏاڻو اهو ڏک آهي جنهن جي ڪا به تلافي ممڪن نه آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ پڻ وفاقي وزير سان گڏ هو.