اسلام آباد -20 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۾ ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ سانوڻي جي سخت برساتن کان ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي هر طرح جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ جو ورجاءُ ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ ايران جي سفير چيو ته اهو ڄاڻي انتهائي گهڻو ڏک ٿيو ته سانوڻي جي برساتن …
ايران جي سفير جو پاڪستان ۾ سانوڻي جي برساتن ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد -20 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۾ ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ سانوڻي جي سخت برساتن کان ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي هر طرح جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ جو ورجاءُ ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ ايران جي سفير چيو ته اهو ڄاڻي انتهائي گهڻو ڏک ٿيو ته سانوڻي جي برساتن منهنجي پياري پاڪستان جي ڀائرن ۽ ڀينرن جون حياتيون ورتيون ۽ مختلف علائقن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. الله تعاليٰ مرحومن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. ڊاڪٽر رضا اميري مقدم پاڪستان حڪومت، عوام ۽ ڏکويل خاندانن سان خاص تعزيت جو اظهار به ڪيو. هن ٻوڏ ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي. هن چيو ته اسلامي جمهوريه ايران ڀاءُ ملڪ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جي هر قسم جي مدد لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ اسان جون دليون ۽ جانيون پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهن. ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بچاءَ ۽ امدادي سرگرميون جاري آهن ۽ ايران پاران يڪجهتي جو اظهار ٻنهي پاڙيسري ملڪن وچ ۾ مضبوط انساني همدردي ۽ ويجهن ٻه طرفه لاڳاپن کي نمايان ڪري ٿو.











