صدر پاران هنگو آپريشن دوران چار خوارج دهشتگردن کي مارڻ تي پوليس فورس جي واکاڻ

اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري هنگو آپريشن دوران چار خوارج دهشتگردن کي مارڻ تي پوليس فورس جي واکاڻ ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان مُوجب صدر زخمي ٿيل ضلعي پوليس آفيسر (ڊي پي او) محمد خالد ۽ ايس ايڇ او نبي خان جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد امن ۽ استحڪام کي خراب ڪرڻ …

اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري هنگو آپريشن دوران چار خوارج دهشتگردن کي مارڻ تي پوليس فورس جي واکاڻ ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان مُوجب صدر زخمي ٿيل ضلعي پوليس آفيسر (ڊي پي او) محمد خالد ۽ ايس ايڇ او نبي خان جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد امن ۽ استحڪام کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا جنهن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، هِن وڌيڪ چيو ته قوم متحد آهي ۽ دهشتگردي جي لعنت کي هر قيمت تي شڪست ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن اهو عزم به ورجايو ته رياست دهشتگردي کي پاڙ کان پٽڻ لاءِ پوري طاقت سان پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.