اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان سان الحاق جو ڏهاڙو ڪشميري عوام جي اجتماعي سوچ ۽ پاڪستان سان فطري ۽ دائمي رشتي جي روشن علامت آهي، ڪشميرين جون قربانيون اڄ سڄي دنيا ۾ آزادي، حريت ۽ قرباني جو مثال بڻجي چڪيون آهن، ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن مطابق خوداراديت وارو حق ملڻ تائين سندن اخلاقي، سياسي …
پاڪستان سان الحاق جو ڏهاڙو ڪشميري عوام جي اجتماعي سوچ ۽ پاڪستان جي فطري ۽ دائمي رشتي جي روشن علامت آهي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان سان الحاق جو ڏهاڙو ڪشميري عوام جي اجتماعي سوچ ۽ پاڪستان سان فطري ۽ دائمي رشتي جي روشن علامت آهي، ڪشميرين جون قربانيون اڄ سڄي دنيا ۾ آزادي، حريت ۽ قرباني جو مثال بڻجي چڪيون آهن، ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن مطابق خوداراديت وارو حق ملڻ تائين سندن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رهندي. ايوان صدر پريس ونگ مان گذريل ڏينهن جاري بيان مطابق صدر آصف علي زرداري پاڪستان سان الحاق جي ڏهاڙي تي پيغام ۾ چيو ته 19 جولاءِ 1947ع تي ڪشمير جي غيور عوام پاڪستان سان الحاق جو تاريخي ٺهراءُ منظور ڪيو، پاڪستان سان الحق جو ڏهاڙو ڪشميري عوام جي اجتماعي سوچ ۽ پاڪستان سان فطري ۽ دائمي رشتي جي روشن علامت آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪشميري عوام ڀارتي ظلم باوجود خوداراديت جي حق جي جدوجهد جاري رکي آهي، ڪشميرين جون قربانيون اڄ سڄي دنيا ۾ آزادي، حريت ۽ قرباني جو مثال بڻجي چڪيون آهن. هن چيو ته ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن مطابق خوداراديت وارو حق ملڻ تائين سندن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رهندي، اسانکي يقين آهي ته ڪشميري عوام جي جدوجهد ضايع نه ٿيندي ۽ هو هڪ ڏينهن ڀارتي قبضي کان آزاد ٿيندا.











